Posted by: Devi Nangrani | दिसम्बर 19, 2013

SIndhi Geet

2011-oslo

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان

ٻولي منھنجي سنڌي آھي

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان

لولي ماءُ ڏِني جا مونکي

ور ور جيڪر ويٺي ڳايان

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان.

شاد رھين آباد رھين شل

منھنجي سُھڻي سنڌ سڀاڳي

تنھنجي دُک ۾ دُکي رھان مان

تھنجي منھنجي جندڙي ساڳي

تنھنجي سُک ۾ سُکي رھان مان

تنھنجو دُک سُک پنھنجو ڀايان

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان

چوان فخر سان سنڌي آھيان

سنڌي آھي منھنجي ٻولي

کڻي ھنج ۾ ماءُ ڏِني ھُئي

جنھن ٻوليءَ ۾ مِٺڙي لولي

لِکان پڙھان سنڌيءَ ۾ ئي مان

سڀ سان سنڌيءَ ۾ ڳالھايان

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان.

سنڌي گلشن جو گُل آھيان

ھند اندر خوشبوُ ڦھلايان

گُڻ ڳائي تنھنجا او سنڌڙي

ھر ڪنھن کي مان ميت بڻايان

سڏُ ڪري سنڪٽ ۾ ديوي

اُن جو سِڪ مان سڏ اونايان

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان.

**

. 2.  گيت  (ديوي ناگراڻي)

سُھڻيءَ جي سيني ۾ سانـڍيل

ڪوئي ڪُھنو سوُر ھُيو.

سِمي سِمي اندر ئي اندر

سوُر بڻيو ناسوُر ھُيو.

سُھڻي ھِت ميھر لاءِ ماندي

ھُت ميھر مجبوُر ھُيو.

ڪارونڀار ڪُنن ۾ ڪڙڪا

دريا ڀي ڀرپوُر ھُيو.

تيز تِکو طوفان لڳو ٿي

ويتر ساحل دوُر ھيو.

لھرُن ۾ وئي لُڙھندي سُھڻي

ھُن جو ھڏُ ھڏُ چوُر ھُيو.

ڪچي گھڙي به نه ساٿ ڏِنُس، ھي

قسمت سندو قصوُر ھُيو.

پھُچي به ته ڪيئن ديوي، ھُت جِت

حاضر سندس حُضوُر ھُيو.

**

 3. گيت  (ديوي ناگراڻي).

ميھر بن موُمل ماندي الا

اُن پيار ۽ سڪ جي باندي الا.

عِشق جو اھڙو روڳ لڳو ڄڻ

ساھُ سڄڻ وٽ قرض رکيو ڄڻ

پر ڪين پليو آ ساھُ الا

ميھر بن موُمل ماندي الا.

ويل وئي ۽ مُند به موٽي

ڪين ڏٺو منھن ، قسمت کوٽي

ته به ڪين کڄي اَرواھُ  الا

ميھر بن موُمل ماندي الا.

ڪيڏيون ريتيون رسمون آھن

پئدن جون ڄڻ شيخون آھن

تِن جڪڙيو ڄڻ آ ساھُ الا

ميھر بن موُمل ماندي الا.

اوسيئڙن ۾ ننڊ ڦٽي آ

جاڳي نيڻن رات ڪٽي آ

لولي ڪا ڏني آ ماءٌ  الا

ميھر بن موُمل ماندي الا.

**

4. گيت   (ديوي ناگراڻي)

ريس راڻا   رُئاري   وئي

سڪ سُڏڪو  بڻي آ پئي

ڳالھ تي ڳالھ نڪري وئي

دل به دُکڙو ٻڌائي  وئي

ريس راڻا   رُئاري   وئي.

پيار ۽ سنيہ جو کيلُ آ

دل جو دل سان اِھو ميلُ آ

پوءِ ته سڀڪُجھ لڳي سُرمئي

ريس راڻا   رُئاري   وئي.

پياس دل جي اندر ۾ رھي

آس جي  آگ دُکندي رھي

دل ڏني آ  دغا  اڻمئي

ريس راڻا   رُئاري   وئي.

من جي پيڙا گھڻي آ وڌي

سوُر  سان  آھ  دلڙي ڏڌي

چيخ دل جي ٿي گونگي وئي

ريس راڻا   رُئاري   وئي.

لڙڪ ديوي به لاڙي وئي

اک اک کي روئاري وئي

درد جي داستان ھيءَ چئي

ريس راڻا   رُئاري   وئي.

**

5.   نظم

ڪڏھن  حاڪم ٿي، ڪڏھن ظالم ٿي

ڪڏھن  جانب ٿي ڇلُ ڪري ڪري

اھڙو ويسُ  سڄڻ  پيو  ڌري  ڌري.

ھيءُ نينھن جو ناتو نڀجي اَچي

شل قرب ڪُٺل ڪو ڀي نه بچي

اِھا  آس ٿي  دل  ۾  تري  تري.

جو منھنجي دل کي مرض لڳو

لاھي، اھڙو نه طبيب مليو

چنتا ۾ دل ٿي ڳري ڳري.

نادان ڏٺي ھيءَ  دل پھنجي

مون ڪين ڏٺي اَھڙي ڪنھنجي

کِلي لُڙڪن جا ڍُڪ ڀري ڀري.

ھي ديوانن جون ڳالھيون  ھِت

سمجھي ڪوئي  ديوانو بس

پيو چوٽ پٿّر سان ڪري ڪري.

رسُ، رنگ ۽ روُپ جي قائل جا

دل ديويءَ جي   به ته  گھايل  آ

پئي  سورن ۾ سا ڳري ڳري.

**

6. ٽِري ٽِري  (ديوي ناگراڻي)

جڏھن من  منھجو  مُرجھائي  ٿو

ڄڻ  چوءُڌر  چمن  ڪوُمائي  ٿو

پوءِ ڪيئن ڪلي ڪا  ٽِري ٽِري.

ڪو غربت ۾ مون  شاھُ   ڏِٺو

ڪو ڌن ھوندي به ڪنگالُ ڏٺو

ٿيو پينو سو  پيو  ڦِري ڦِري.

گلزار ۾ گُل سان خار لڳي

ھيءَ   دُنياداري  ڄار   لڳي

ٿو وقت سان ھرڪو ھِري ھِري.

**

7. آزادي  (ديوي ناگراڻي)

ظلم ستم جو ماٺ ۾ سھندو

ڪانئر سو دنيا ۾ سڏبو.

دنيا آھي سُريت سڀ جي

ڪئن ڪنھن کي ھِت سڏبو پنھنجو.

ڀائيچارو دنيا مان ڇو

ڏسندي ڏسندي گھٽبو وڃي ٿو.

پيار وري پوکي دل دل ۾

ڌارين ۾ پنھنجو ٿي وڃبو.

دک ۾ سُک ۽ سُک ۾ دُک آ

اٽل اِھو دستوُر نه مٽبو.

آد جُڳاد امر ڪو ناھي

لاھي پُراڻو چولو ڇڏبو.

لاشڪ امر اُھو دنيا ۾

جو ڄاڻي، جيئري ڪيئن مربو

مٽي منھن کي لائي تنھا

دنيا اندر رھي نه سگھبو.

مٽي مٽيءَ سان گڏبي ديوي

خالي اچبو خالي وڃبو.

**

7.ديش دُلارو باپو

لٺ لنگوٽيءَ وارو باپو

ھر دل جو دلدار ھُيو٠

ديش دُلاري باپوجيءَ کي

ھر ڪنھن جي لءِ پيارُ ھُيو.

ڀارت جي آزاديءَ خاطر

کنيو ڪُلھن تي بارُ ھُيو٠

ديش نِواسيُن کي آزادي

ماڻڻ جو اختيارُ ھُيو٠

ديش جي صدقي سِرُ به ڏِيڻ لءِ

ھردم باپو تيارُ ھُيو٠

انگريزن جي ھر ھِڪ شيهءِ جو

ڪيو سدا بھِشڪارُ  ھُيو٠

ھنسا جي مارگ جو کنڊن

اھِنسا جي پرچارُ ھُيو٠

بِنا شستر جا لڙي لڙائي

ستياگره  ھٿيارُ ھُيو.

رھڻي ڪرڻي اھڙي ھُن جي

ڄڻ گيتا جو سارُ ھُيو٠

پرارٿنا اندر نِشچو ديوي

سندس سدا سينگارُ ھُيو.

**

8. آزادئَ جي شمح

آزادئَ جي شمح مٿائون

پروانن آ پاڻ جلايو٠

آزادئَ جي آھوتيءَ ۾

ديش جي صدقي پاڻ گنوايو٠

خون جي ھولي کيلي ويرن

آزادئَ جو جشن منايو٠

سرکڻ ڦاھيءَ جي فندي کي

ورمالا سمجھي گلي لڳايو٠

سپوت سنڌ جي ھيمونءَ ڀي

پيرُ ڪڏھن پُٺتي نه ھٽايو٠

آزادئَ اڌڪارُ اسانجو

نحرو گنگاڌر تِلڪ لڳايو٠

ضلم جي چائونٺ تي ديوانن

ڪڏھن نه پنھنجو سيسُ جھڪايو.

ياد ڪري قرباني تِن جي

ديويءَ پنھنجو سيسُ نوايو.

**

9. بي قافيه نظم (ديوي ناگراڻي)

رشتو اھڙو رکُ ھر ڪنھن سان

جھڙو پاڻيءَ جو بادل سان٠

رشتو اھڙو رک بادل سان

جھڙو بادل جو بارش سان٠

رشتو اھڙو رک بارش سان

جھڙو بارش جو سانوڻ سان٠

رشتو اھڙو رک سانوڻ سان

جھڙو سانوڻ جو آ بھار سان٠

رشتو اھڙو رک بھار سان

جھڙو بھار جو آ گُل سان٠

رشتو اھڙو رک تون گُل سان

جھڙو گُل جو آھ باغ سان٠

رشتو اھڙو رک تون باغ سان

جھڙو باغ جو آ مالھيءَ  سان٠

رشتو اھڙو رک مالھيءَ سان

جھڙو گل جو آ خوشبوءِ سان٠

رشتو اھڙو رک خوشبوءِ َ سان

جھڙو اِنسان جو آ خدا سان٠

رشتو اھڙو رک تون خدا سان

جھڙو خدا جو آ بندن سان٠

**

10. بي قافيه نظم

رشتن ۾ آ سوءُدي  بازي

ڪيرُ نه ڪنھن سان آھي راضي.

تون جي سير سوا مان آھيان

سمجھين ڀل پر گھٽ مان ناھيان.

تون منھنجو مان تنھنجو قاضي

ڪيرُ نه ڪنھن سان آھي راضي.

تنھنجو مُنھنجو چئي وڌائي

وِٿي دليُن ۾ ڄڻ ڪا کاھي.

ھِڪڙو ٻئي کان وڌ سوءُدائي

ڪيرُ نه ڪنھن سان آھي راضي٠

ڪجي شِڪايت ڪنھن سان ڪھڙي؟

ڪين رھيو ڪو دلبر ديوي.

لٽيل لُٽيل آ ساري خدائي

ڪيرُ نه ڪنھن سان آھي راضي٠

**

11.  گيت  (ديوي ناگراڻي)

جڳ جو ھيءُ پسارو آ ھي

کيل تماشو سارو آھي٠

رِشتن جو بازار لڳل آ

نفاق جو آ زار لڳل آ٠

رِشتن جي ھِت ڀيڙ گھڻي آ

ڪنھن جي ڪنھنسان ڪين بڻي آ.

ملھ مٽيو آ ماڻھن پنھنجو

بن پئسي ڪو ناھي ڪنھنجو٠

پئسي وارو پنھنجو آھي

آدر جڳ ۾ تنھنجو آھي٠

خون آ گھاٽو پاڻي پٽڙو

سو به بڻيو آ قطرو قطرو٠

چوٽ تي چوٽ ڪري سو تنھنتي

زور ھلي ٿو جنھنجو جنھنتي٠

رِشتن جي ھيءَ منڊي آھي

ڀڃُ  ڊاھ ڄڻ ھنڊي آھي

**

12. گيت  (ديوي ناگراڻي)

منھنجي اُڀ جو چنڊ به تون ئي

تون ئي تارو چنڊ به تون ئي.

جيون روپي بين وڄي جا

اُن جو آھين ساز به تون ئي

ساز سمورو تون ئي تون

ساز سندو آواز به تون ئي.

راڳ به تون آلاپ به تون ئي

دل جي داتا تار به تون ئي

نِڌر نماڻي آئون اَياڻي

منھنجو آن آڌار به تون ئي.

جيون جي ڦلواريءَ جو آن

گُل ڀي ۽ گُلزار به تون ئي

جيون منھنجو ارپيل توکي

اُن جي جيت ۽ ھار به تون ئي

پنڌُ ڪري منزل تي پھُچي

منھنجيِ آن سا واٽ به تون ئي

اوڻدھه کي ٿو ميٽي ديوي

اُن ديپڪ جو ٻاٽُ به تون ئي.

**

13. گيت  (ديوي ناگراڻي)

آيو ميگھ ملھارُ, سکي ري

چؤڌر باغ  بھارُ, سکي ري

چؤڌر باغ بھارُ٠

پاتو پرينءَ جو پيار, سکي ري

آنند مليو اپارُ, سکي ري

چؤڌر باغ بھارُ.

ڇوُڙيون کڙڪن رنگ رنگيليون

ڳاڙھيون, سايون, نيليون, پيليون

چمڪي چندن ھارُ, سکي ري

چؤڌر باغ بھارُ٠

ڀيني ڀيني برسي برکا

ٿئي مٿان ٿي موتيُن ورکا

ساوڻجو وسڪارُ, سکي ري

چؤڌر باغ بھارُ٠

اندر جون سڀ اڀلاشائون

پوريون ھاڻ ڪندو آشائون

پريتم جو ديدارُ, سکي ري

چؤڌر باغ بھارُ٠

سُر سازن تي ديويءَ ڇيڙيا

پوُڄا  لءِ گُل سُرھا ميڙيا

پاتو پرينءَ جو پيارُ, سکي ري

چؤڌر باغ بھارُ٠

آيو ميگھ ملھارُ, سکي ري

چؤڌر باغ بھارُ٠

**

14. گيت  (ديوي ناگراڻي)

نه جي موٽي مُند   بھارَ جي

مونکي ڪو خزان جو المُ نه آ

منھنجو واسطو ئي غمن سان آ

نه مِلي خوشي ته ڪو غمُ نه آ.

دل ۾ زخم ٿو گھارون ڪري

منھنجي ڏيل ۾ ڏارون ڪري

ڪر دانھن دل اُن جيِ نه تون

جنھن زخم جو مرھمُ نه آ٠

دنيوي خيال کي ترڪُ ڪر

ڪي سُک جون سائِتون ڪر بَسَر

ھلُ تون اُتي اي زندگي

جِتي مؤت جو ماتمُ نه آ.

جو اُجڙ ڪري وئي آ خزان

ٽڙي پيو بھار ۾ گلسِتان

ڪري دل کي باغ بھارُ جو

اڃا موٽيو سو مؤسمُ نه  آ٠

مون نِڀايو سڀ سان کِلي کِلي

ڇو وفا جي بدلي جفا مِلي

رکي دُک سان ديويءَ دوستي

منھنجو واسطو ئي غمن سان آ.

**

15. ٻال ڦلواري   نظم  (ديوي ناگراڻي)

پيٽ ڀري ٿي ڪين نصيحت

ڏئي سگھين جي روٽي ڏي.

پاڻيءَ بن پياسا وڻ ٻوٽا

تِن کي جل جي لوٽي ڏي.

بدن ڍڪڻ لءِ ڪپڙو ناھي

ڏئي سگھين ته لنگوٽي ڏي.

ڪين ڏٺو اوءُلاد سڄڻ تو

چاھين جي ھِڪ پوٽي ڏي

**

33.

منھنجي اُڀ جو چنڊ به تون ئي

تون ئي تارو چنڊ به تون ئي.

جيون روپي بين وڄي جا

اُن جو آھين ساز به تون ئي

ساز سمورو تون ئي تون

ساز سندو آواز به تون ئي.

راڳ به تون آلاپ به تون ئي

دل جي داتا تار به تون ئي

نِڌر نماڻي آئون اَياڻي

منھنجو آن آڌار به تون ئي.

جيون جي ڦلواريءَ جو آن

گُل ڀي ۽ گُلزار به تون ئي

جيون منھنجو ارپيل توکي

اُن جي جيت ۽ ھار به تون ئي

پنڌُ ڪري منزل تي پھُچي

منھنجيِ آن سا واٽ به تون ئي

اوڻدھه کي ٿو ميٽي ديوي

اُن ديپڪ جو ٻاٽُ به تون ئي.

Advertisements

एक उत्तर दें

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  बदले )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out /  बदले )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  बदले )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  बदले )

Connecting to %s

श्रेणी

%d bloggers like this: