Posted by: Devi Nangrani | दिसम्बर 19, 2013

Hea Sindh Aa Sabhagi

1.Dnangrani

غزل ( ديوي ناگراڻي)

ھيءَ سنڌ آ سڀاڳي جنھن جي شھاڻي ٻولي

جا ھنج ۾ کڻي پئي مونکي سڻائي لولي

ڪهڙيون وساري آخر، ڪهڙيون وساريان ڳالهيون

خوشبو خمار جنهن ۾، آهي سا منهنجي ٻولي

سي سنڌ جا اڱڻ  ۽ ماڙيون ۽ مٺڙا ماڻهو

وسرئي نه ٿا سي وسرن جن سان مون کيليِ هولي

جنهن پرانت ۾ نه ٻولي، دامن آ تنهنجو خالي

هر پرانت جي سڃاڻپ، آهي انهيءَ جي ٻولي

ٿي پاڻ ۾ هميشه يڪمشت منهن ته ڏيندا

راهن ۾ مشڪلاتن جي آئي  آهي ٽولي

چندن سمان آهي تنهن ۾ هڳاءُ ديوي

مهڪائي ساهه کي ڄڻ، خوشبوءَ جي هيءَ ڇولي

**

غزل  (ديوي ناگراڻي)2.

رشتن جي آئيني ۾ مون ڪٺنائيون ڏٺيون

دل دل ۾ گهرُ ڪري اچي تنهائيون وسيون

شهرت کي گهر ڇو ڪين ڪي منهنجو ڪڏهن مليو

چپ چاپ منهنجي گھر ۾ سوءَ رُسوائيون گهريون

چاهت وفا ۽ پيار جا رشتا بدلجي ويا

جذبات ۾ به ڪين سي گهرائيون رهيون

ڏولي ته منهنجي خواب جي کڄندي نه مون ڏٺي

 سدائين پئي شهنائيون ٻڌيون پر ياد ۾

نيلام خود ضمير کي جنهن پاڻ آ ڪيو

سوءَدي ۾ اُن کي پاڻ ئي بڇڙائيون مليون

**

.3 غزل (ديوي ناگراڻي)

سرهاڻ گل سدا پيو ڏي خوشبو نٿي کٽي

دل کي به سمجهه ۾ اَدا  هيءَ جي اَچيِ وڃي

پنهنجي سلامتيءَ کي جوکم ۾ پيو وجهي

آليءَ ڀِت جي اوٽ ۾ هرَ هَر وڃيو بِهي

چورن جي گهر ۾ ٺڳ ڪوئي جيڪر اچي رهي

ديوي گناهه جو تڏهن ازخود پيو قدُ وڌي

سامهون رهي ٿومنهنجي هو مونکان ٿي بي خبر

اُن نامراد کي ئي وساري جي دل ڇڏي

ڪنواري جا سينڌ سوچ جي آهي انهيءَ کي

شبدن سان ڪو اديب سنواري وري ڇڏي

پروانا ڪيڏا خاڪ ٿيا ڄاڻي نٿي اُها

هيءُ شمع کي يقين ڏئاري ڪوئي سگهي

ديوي جهڪي ٿو ڪوڙ جي سامهون وري به سچ

Advertisements

एक उत्तर दें

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  बदले )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out /  बदले )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  बदले )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  बदले )

Connecting to %s

श्रेणी

%d bloggers like this: