Posted by: Devi Nangrani | दिसम्बर 19, 2013

Do Ghazals

2010-D

8 غزل (ديوي ناگراڻي

ھيء سلطنت عجيب ھِڪ دؤري نشو شراب

خود کي کٽي ٿو ووٽ ڪو سمجھڻ لڳي نواب

چنڱو مندو ڪوئي ھلي سڀ موٽ ۾ ملي

ضاعيا نه ڪُجھ وڃي ھِتي ڪوئي رکي حساب

مصلي ڪليء کي ڪري پوءِ ياد ٿو گُلاب

پھرين گُنھه ڪري ڪوئي پوءِ ٿو ڪري سباب

اِنسانِيت تي ڇاپ جا حيوانِيت ڇـڏي

ڪيئن مان وِساري ٿي سگھان ظلمات جو سو باب

قسمت رقيب رات جو ڇو ٿي گھُري حساب

ڏينھن جي تمام روشنيء ۾ جا ڪري حجاب

ھِڪ آرزو اِھا اڃان دل ۾ ته مان ڏسان

منھنجو حبيب ٿو وسي مون ۾ جو بي حجاب

**

 غزل (ديوي ناگراڻي 9

گھر ۾ديپڪ وِسامي ويو آھي

رُخُ هوائٌن لڳي مٽيو آھي٠

سايو بڻجي ھلي اُجالن ۾

ساٿ اوندھ ۾ ڇا ھليو آھي؟

دوست سمجھي نه راز سل  ڪنھنسان

دوست ئي دوست کي ڇليو آھي

ڪر نه وِشواس ڳالھ تي اُن جي

جنھن نه جيون ۾ سچُ چيو آھي٠

کوٽي کڏ جنھن اُھو ڪِريو آھي

وقت جنھن وقت مُنھن مٽيو آھي٠

گندگيءَ ۾ ڀلي ھُجي موتي

پو به اُنجو نه مُلھ گھٽيو آھي٠

ڇا سُٺو آ شراب، پاڻي ، رتُ

ڪنھن پئڻ ڪين ڪُجھ ڇڏيو آھي٠

ڌڪُ ھڻڻ آ صحيح  تڏھن ديوي

گرم جنھن وقت لوھ ٿيو آھي٠

غزل (ديوي ناگراڻي .10.

جڳ ۾ ناموس ڀي ملندو آ

ان ساڻ گلا ڀي رهندي آ

کستوري جنهن جي دُن ۾ سا

هرڻي بن ڇو رُلندي آ

وعدن جون زنجيرون پائي

آزادي غلام ٿي نچندي آ

آشا دنيا جي پيڙ به آ ۽

ڪارڻ انت جو بڻبي آ

جا چاٻي تالو بند ڪري

کولڻ وقت سا لڳندي آ

پاڻي ۾ پٿر ڇا ڄاڻي

سيءَ ۾ گرمي ڪيئن وڻندي آ

اُن جي چاهت ٿي رکين ديوي

جا شئي ڪنهن وٽ نه ملندي آ

Advertisements

एक उत्तर दें

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  बदले )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out /  बदले )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  बदले )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  बदले )

Connecting to %s

श्रेणी

%d bloggers like this: