Posted by: Devi Nangrani | दिसम्बर 19, 2013

Char Ghazals

 PA-22

 

 

 

4. غزل   (ديوي ناگراڻي)

چاهي خوشي غمن جو پسارو مليو مونکي

سک چار پل مليو جو  اڌارو مليو مونکي

مان ٻيڙي سمنڊ ۾ نه ڇڏيان لاهي هوند، پر

طوفان آيو ڪين اِشارو مليو مونکي

ڀٽڪي وجود کي الا ڳولهيم هِتي، هُتي

جنهن جي تلاش هئي نه ڪنارو مليو مونکي

خاموش درد ماٺ ۾ سُڏڪا ڀري سڏِن

اِن شور ۾ اُنهن جو، سهارو مليو مونکي

ڌارين ۾ پنهنجپائي ۽ پنهنجن ۾ غيرتون

ڌڪُ غيرتُن ڏنو جو ڪرارو مليو مونکي

سک جي تلاش ۾ مونکي سوءُ سوُر ٿي مليا

سُک چار پل مليو جو اُڌار مليو مونکي

خيرات ۾ جيئڻ جوهي فن ڪين آ مليو

قسمت سان جنگ جوٽي ئي چارو مليو مونکي

روءُشن ڪيو جهان کي  ديوي جلائي دل

پر موٽ ۾ وري ڇو اَنڌارو مليو مونکي

5. غزل  (ديوي ناگراڻي)

دُنيا جي ميلي ۾اڄُ  ڀي، اِنسان جي ھستي تنھا  آ

ماڻھُن جي ھِن نگريءَ ۾ ڄڻ، آدم ھر ڪوئي تنھا  آ.

اک جي دامن ۾ خواب نوان، منھنجيءَ دل خوُب سجايا ھا

تِن

 ياديُن جي واٽُن تي اڄ، ھرُ خواب سندُم ڀي تنھا  آ.

اک ۾ وھندڙ ڪو لڙڪ نه ڏسُ، ڏسُ ڪين اُنھيءَ جي ويراني

جھِلمل ھِن ساگر جي ھُن  ڀر، غم جي ثِدت ٿي  تنھا  آ.

پاڻيءَ جي رواني آ جيون، ھلچل آھي اُن ۾ ڀي پر

ٺھراءُ اچي ٿو جنھن پل ڀي، ھر لھر اُنھيءَ  جي  تنھا آ.

ھِن وقت جي سازش ۾ جَڪڙيلُ، ھر پلُ بس قيدي آ ديوي

چاھي ٿو رِھائي لشڪر مان، جت ديوي دم ڀي تنھا آ

6. غزل  (ديوي ناگراڻي

وفائيءَ جو مُلھ ڪين ڄاڻن زمانا

ثنا  بس ڪرڻ جا ٿا ڳولِن بھانا.

نه روڪي سگھيس سوچ جي قافلن کي

ڀريل ئي رھيا دل جا مھمان خانا.

مان اڄُ ۽  سُڀان تون،  پريھنءَ ٻيو،اِئن

-چِٽي ڪالُ پيو ٿو نوان نِت نِشانا.

غمن جي به صحبت جو ٿيو ڪونه اثر آ

اُنھن ۾ به منھنجي اندر شادمانا.

جِتي سُڃ واڪا ڪري ٿي اُتي ڀي

ڏٺاسين گھڻائي سجيل آشيانا.

لڳل داو تي مان ھُيس ڪلھ ۽ اڄ ڀي

مٽيا  تيِر ديوي، ھا ساڳيا نِشانا.

. غزل  (ديوي ناگراڻي 7

رسُ، راڳ ۽ راڳڻي ھي، سڀ روح ۾ وسي ويا

ڪوُمائجي  جي گُل ويا، سي  ڀي ٽڙي  ٽڙي پيا.

زنجير وادن جي پائي، ڪوئي نچي سگھيو ڇا؟

پر وقت جي چال اھڙي، تِن تي نچي نچي پيا.

ھيءَ پيار جي نرالي مدھوش  ڪا  ادا  آ

پرتل رُسي وڃن ڪِٿ، ڪِٿ سي به  پرچي مليِ ويا.

سديُن کان نِرلج ھي ڀنورا ، ٿين ٿا  فِد ا ڪليُن  تي

مُکڙيُن جيِ نازڪ ادا تي، سي پيار ۾ مري ويا.

چھرا لٿل ھا جِن جا، مُرڪي  نه  گل ڏٺو جِن

سُرخي گُلاب جي اڄ  ديوي  ڏسي ٽڙي  پيا.

Advertisements

एक उत्तर दें

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  बदले )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out /  बदले )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  बदले )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  बदले )

Connecting to %s

श्रेणी

%d bloggers like this: