Posted by: Devi Nangrani | दिसम्बर 19, 2013

Ahdo Gulshan Cha Karyaan

 

وائي

1

مون دل جي دل سان ڳالهه ڪئي

کِل کِل ۾  ها کِل کِل ۾

هن ڀي عقل سان ڳالهه ته اوري

کِل کِل ۾  ها کِل کِل ۾

ڪئي نه هن ڪنهن سان آ ياري

کِل کِل ۾  ها کِل کِل ۾

ڳالهه  پرائي ٿي آ منهنجي

کِل کِل ۾  ها کِل کِل ۾

ڳالهه نه ڪر تون  ڪنهن سان ديوي

کِل کِل ۾  ها کِل کِل ۾

2

 وائي

بي رنگ گُل گُلزار ۾، ماڻھون ڀي بوُ بِن

اَھڙو گُلشن ڇا ڪريان.

واري واري گھر لڳي، ڀِت، ماڻھو ڀُرڪن

اَھڙو گُلشن ڇا ڪريان.

چانڊوڪيءَ ۾ چنڊ ڀي، چمڪيو تجلي بِن

اَھڙو گُلشن ڇا ڪريان.

3

پل پل ڇِن ڇِن رات نئين آ

پل پل ڇِن ڇِن رات نئين آ

رات نئين آ، بات نئين آ.

راتيون راتيُن جھڙيون آھن

پل پل ڇِن ڇِن ، بات نئين آ

رات نئين آ، بات نئين آ.

پل پل ڇِن ڇِن رات نئين آ

تارن آ آڪاش سجايو

پل پل ڇِن ڇِن ڏات نئين آ

رات نئين آ، بات نئين آ.

پل پل ڇِن ڇِن رات نئين آ

ڀيني ڀيني مھڪيل مھڪيل

پل  پل ڇِن برسات نئين آ

رات نئين آ، بات نئين آ.

پل پل ڇِن ڇِن رات نئين آ

ڪويل مٺڙي ڪوُڪ سُڻائي

پل  پل ڇِن ڇِن لات نئين آ

رات نئين آ، بات نئين آ.

پل پل ڇِن ڇِن رات نئين آ

ديوي دل جي درپڻ ۾ ڏسُ

عڪس ڪئي ڪا بات نئين آ

رات نئين آ، بات نئين آ

پل پل ڇِن ڇِن رات نئين آ.

4

ڳاءِ اَري من ڳاءِ

 

ڳاءِ اَري من ڳاءِ، ڳاءِ اَري من ڳاءِ.

پوئي سُر سازن جا موتي، ھارُ گلي ۾ پاءِ.

ڳاءِ اَري من ڳاءِ.

نيرو اُڀ آ، جھِرمِر تارا، آس پکيئڙو اُڏاءِ.

ڳاءِ اَري من ڳاءِ.

اندرجي سُرندي کي ڇيڙي، جيون بين وڄاءِ.

ڳاءِ اَري من ڳاءِ.

سونھارو ڪو گيت مِٺو تون، ڪويل جيان پيو ڳاءِ،

ڳاءِ اَري من ڳاءِ.

جيون ڄڻ مھراڻ متل آ، رمز سان پار پُڄاءَ

ڳاءِ اَري من ڳاءِ.

سُر ساگر سنگيت سُڌا ٿئي ،تنھن ۾ ٽُٻي لڳاءِ

ڳاءِ اَري من ڳاء.ِ

گيتن جي ساگر ۾ ديوي، پنھنجو پاڻ سماءِ

5

ڳاءِ اَري من ڳاءِ

 خوشبوُ تِن مان ليئا پائي.

سائي چُنري وڻ وڻ پائي

ٽاري ٽاري ٿي شرمائي.

گُل گلابي گلشن اندر

خوشبوُ تِن مان ليئا پائي.

پکين مچائي راڙ فضا ۾

سُر سَرِتا پئي راس رچائي.

سُڳنڌ سنڌيُن جي اڄ ديوي

گُلشن گُلشن پئي  مھڪائي.

 

  1. 1.  وائي

مون دل جي دل سان ڳالهه ڪئي

کِل کِل ۾  ها کِل کِل ۾

 

هن ڀي عقل سان ڳالهه ته اوري

کِل کِل ۾  ها کِل کِل ۾

 

ڪئي نه هن ڪنهن سان آ ياري

کِل کِل ۾  ها کِل کِل ۾

 

ڳالهه  پرائي ٿي آ منهنجي

کِل کِل ۾  ها کِل کِل ۾

 

ڳالهه نه ڪر تون  ڪنهن سان ديوي

کِل کِل ۾  ها کِل کِل ۾

2.  وائي

 

بي رنگ گُل گُلزار ۾، ماڻھون ڀي بوُ بِن

اَھڙو گُلشن ڇا ڪريان.

واري واري گھر لڳي، ڀِت، ماڻھو ڀُرڪن

اَھڙو گُلشن ڇا ڪريان.

چانڊوڪيءَ ۾ چنڊ ڀي، چمڪيو تجلي بِن

اَھڙو گُلشن ڇا ڪريان.

  1. 2.  وائي

پل پل ڇِن ڇِن رات نئين آ

 

پل پل ڇِن ڇِن رات نئين آ

رات نئين آ، بات نئين آ.

راتيون راتيُن جھڙيون آھن

پل پل ڇِن ڇِن ، بات نئين آ

 

رات نئين آ، بات نئين آ.

پل پل ڇِن ڇِن رات نئين آ

 

تارن آ آڪاش سجايو

پل پل ڇِن ڇِن ڏات نئين آ

 

رات نئين آ، بات نئين آ.

پل پل ڇِن ڇِن رات نئين آ

 

ڀيني ڀيني مھڪيل مھڪيل

پل  پل ڇِن برسات نئين آ

 

رات نئين آ، بات نئين آ.

پل پل ڇِن ڇِن رات نئين آ

 

ڪويل مٺڙي ڪوُڪ سُڻائي

پل  پل ڇِن ڇِن لات نئين آ

 

رات نئين آ، بات نئين آ.

پل پل ڇِن ڇِن رات نئين آ

 

 

ديوي دل جي درپڻ ۾ ڏسُ

عڪس ڪئي ڪا بات نئين آ

 

رات نئين آ، بات نئين آ

پل پل ڇِن ڇِن رات نئين آ.

 

 

 

  1. 3.  وائي

ڳاءِ اَري من ڳاءِ

 ڳاءِ اَري من ڳاءِ، ڳاءِ اَري من ڳاءِ.

پوئي سُر سازن جا موتي، ھارُ گلي ۾ پاءِ.

ڳاءِ اَري من ڳاءِ.

نيرو اُڀ آ، جھِرمِر تارا، آس پکيئڙو اُڏاءِ.

ڳاءِ اَري من ڳاءِ.

اندرجي سُرندي کي ڇيڙي، جيون بين وڄاءِ.

ڳاءِ اَري من ڳاءِ.

سونھارو ڪو گيت مِٺو تون، ڪويل جيان پيو ڳاءِ،

ڳاءِ اَري من ڳاءِ.

جيون ڄڻ مھراڻ متل آ، رمز سان پار پُڄاءَ

ڳاءِ اَري من ڳاءِ.

سُر ساگر سنگيت سُڌا ٿئي ،تنھن ۾ ٽُٻي لڳاءِ

ڳاءِ اَري من ڳاء.ِ

گيتن جي ساگر ۾ ديوي، پنھنجو پاڻ سماءِ

ڳاءِ اَري من ڳاءِ

 6.

خوشبوُ تِن مان ليئا پائي.

سائي چُنري وڻ وڻ پائي

ٽاري ٽاري ٿي شرمائي.

گُل گلابي گلشن اندر

خوشبوُ تِن مان ليئا پائي.

پکين مچائي راڙ فضا ۾

سُر سَرِتا پئي راس رچائي.

سُڳنڌ سنڌيُن جي اڄ ديوي

گُلشن گُلشن پئي  مھڪائي.

Advertisements

एक उत्तर दें

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  बदले )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out /  बदले )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  बदले )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  बदले )

Connecting to %s

श्रेणी

%d bloggers like this: