Posted by: Devi Nangrani | जनवरी 21, 2011

Dargah of Khwaja Garib Nawaaz

 عجيب و غريب عجوُبي ( خوش_اُ_قرامات)

Dargah of Khwaja Garib Nawaaz
 خواجا  غريب نواز جي درڳاهه تي اِنسان جو وِشواس ويندو آهي، شرير ھڪُ ماڌيم بڻجي پوندو آھي. تھهِ دِل سان گُناهن جي معافي، يا ته ڀُليل ڀِٽڪيل سڪوُن جي اُميد ۾ اُتي ويندا آھن. مُريد گھُرڻ يا وري پوري ٿِيل مراد جي شُڪر اَدائگيءَ لاءِ ويندا آھن. ڪڏھن ٻار جي وزن جيترو ڳُڙ، چانور، کنڊ يا چاندي مراد پوري ٿِين جي عيوض ڏيندا آھن. مُرادون جو شُمار وڏو ھوندو آھي، ٻار جي تمنا، ڪو وِڇڙيل ملي يا، ڪاميابيءَ جي طلب. گھڻائي قسا ھِن سچ جا ساکي آھن.
 
1)                                   اقبل مصول ھِڪُ معياري شّخصيت جو چوڻ آھي” مان 1966_1972 ۾ يمن (Yemen )  ھُيس جتي لڙائي ۽ بمن جي نه ختم ٿِيڻ جو سلسلو چالوُ ھُيو. Yemen کي ڇڏڻ نامُمڪن پئي نظر آيو، سو مون پرارٿنا ڪئي ” اي اجمير جا پير بابا، مونکي ھِتان ڪڍُ ته ٻئي سال مان تنھنجي در تي مٿو ٽيڪيان.“ اڳيان ھُن لکيو آھي ته ”ٻئي ڏينھن رشيا جو ھڪُ ھوائي جھاز UN جي بارڊر تي آيو ۽ اسان کي Cairo کان ٻاھر ڪڍي آيو“ جڏھن مان ھندُستان واپس آيس، ته مون اَجمير ۾ بابا جي مزار تي وڃي پنھنجو شڪر اَدا ڪيو.
2)                                    
جعفر اِمام ھِڪ ٻيو مُريد ھو جنھن کي پنجن سالن کان چھري تي چمڙيءَ( Leucoderma) جي تڪليف ھُئي، جن تي دوائُن جو ڪو اثر نه ٿيو. درگاهه تي چادر چاڙھيندي پرارٿنا ڪيائين ۽ ڪجھ وقت ۾ ھُن جي تڪليف گھٽ ٿيندي ٿيندي دوُر ٿي وئي.
3 ) ھِڪ ڪرشمو ھن صاحبن جي چاڍي جي ڌيءَ شرناز سان لاڳو آھي. جڏھن شرناز پنجن سالن جي ھُئي ته اوچتو ھُن جي ٻنھي اکين جي نظر ويندي رھي، جنھن ۾ اکين جا ڊاڪٽر به ھُن جي مدد نه ڪري سگھيا. شرناز، ٻار ھوندي به پنھنجي مائٽن کي نيزاري ڪئي ته ھُن کي اجمير جي درڳاھه تي وٺي ھلن. اُتي من جي مُراد پوري ٿِيڻ جي پرارٿنا ڪندي سرناز اوچتو پنھنجيءَ ماءُ کي چيو ” امان اڄ تو پيلي رنگ جي ساڙھي پاتي آھي“ بي اثر پرارٿنا نه ٿي سگھي ۽ رحمتن سان ھُن جي نظر وري موٽي آئي.
4) اِنھيءَ طرح غريب نواز جا گھڻائي ڪرشما اُنھن جي زندگيءَ جي دءُر ۾ ٿي گُزريا. ھِڪ بي گُناھه ماڻھو ڦاسيءَ تي چاڙھيو ويو، اُنھيءَ گُناھه لءِ جو ھُن ڪيو ئي نه ھو. سندس ماءُ وڃي خواجا جي سامھون پنھنجو رودن رُنو ۽ اِنصاف جي لآءِ جھولي ڦھلائي. خواجا ڳالھ تي وِشواس ڪيو ۽ پنھنجي ماڻھن کي وٺي پنڌ ڪرڻ شروع  ڪيائين. ماڻھن جو ميڙ اُڪير مان اُنھن جي پُٺيان ھليو. آخر جڏھن خواجا Khwaaza Moinuddin لاش وٽ پھتو، ته پنھنجي نظر اُنتي ڌري چوڻ لڳو ته ”اي پراڻي تنھنجو موت اگر الاھ جي حڪُم کان سواءِ ٿيو آھي ته تون ھاڻ پراڻ ۾ ايندين.“ جيئن ئي اِئين چيائون مردو چُرپُر ڪري اُٿيو ۽ سجيو ٿي پيو. اِئين لڳو ڄڻ  ھوُ ڪنھن جي حڪُم لاءِ بيٺو ھو. پوءِ ھُن خواجا جا چرڻ ڇُئي آسيرواد ورتو ۽ ماءُ سان گڏجي گھر روانو ٿيو.
 
5) ھِڪ ڏينھن Khwaja Garib Nawaaz  ويٺو ھو ته ھِڪُ قاتل، جنھن کي خواجا کي مارن لاءِ پئسا ڏنا ويا ھُيا، درگاھه ۾ آيو ۽ اَچي مٿو ٽيڪي سادن پيرن واري زمين کي چُميو. اڳيان وِھندي چيائين” حضرت منھنجي گھڻين وقت کان مُراد ھُئي ته مان توھان سان ملان ۽ چاڪري ڪريان. الاھه جي رحمت جو ھيءُ موعقو مونکي بخشيو آھي.“
خواجا ھُن ڏي نھاري مُرڪيو ۽ چيائين ” اڳيان اچُ ۽ اُھو ڪر جو تون ڪرڻ آيو آھين.“
”حضرت مونکي حُڪم ھو توھاکي مارڻ جو، پر منھنجو اِ رادو اِھو نه ھو“ اِئين چئي ھُن پنھنجا ھٿيار سادن پيرن وت رکي زار زار پڇياوي ۾ ڳوڙھا ڳاريا. خواجا معين الدين  جواب ڏِنو” پيارا جيڪي مونکي دک يا نقصان پھُچائيندا آھن تِن جو به مان ڀلو ڪندو آھيان، تو ته منھنجو نقصان ڀي نه ڪيو آھي.“ اِئين چئي سِڪ سان پرارٿنا ڇئي ھُن کي پنھنجو مُريد بڻايو.
5) Khwaaza Moinuddin سماڌيءَ ۾ پنھنجي پيارن سان ويٺا ھُيا ته ھِڪڙو Shams-Ud-din شمس الدين نالي ھِڪُ گھبرو جوان ھٿ ۾ تير ڪمان کڻي اُنھن جي سامھون لنگھي ويو. خواجا جي نظر ھُن تي پئي ۽ چيائون ” دوستو ھي جوان دِليءَ جو بادشاھه ٺھندو ۽ تيسين ھن دنيا مان ڪوُچ نه ڪندو جيسين دليءَ جو سُلطان نه بڻيو آھي.“ اِھو پوءِ ظاھر ٿيو ته اُھو نوءُجوان Shams-Ud-din Al Tamish جي نالي سان دِليءَ جو مشھوُر سُلطان ٿيو.
( انوواد)  ديوي ناگراڻي
 
Advertisements

एक उत्तर दें

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  बदले )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out /  बदले )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  बदले )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  बदले )

Connecting to %s

श्रेणी

%d bloggers like this: