Posted by: Devi Nangrani | फ़रवरी 18, 2010

Sindh ji Jayi-Ghous Pirzado

 سنڌ جا ساهه کڻندڙ شاعره ديوي ناگراڻ   :غوث پيرزادو

  

کنوڻ ته سدائين کنوندي آهي. پنهنجي تجلن سان ڌرتي کي رنگ ارپيندي آهي. پر ان ڏينهن کنوندڙ کنوڻ عام جهڙي نه هئي. ان ڏينهن هن جو موڊ خطرناڪ هو. اوچتو ڌماڪي سان ڌرتيءَ تي ڪري پئي هئي ۽ ڌرتي کي ٻه اڌ ڪري وڌو هئائين. هڪ پل جي اندر ڌرتي جي وچ ۾ڏار پئجي ويو هو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي آسمان جيڏي ديوار به کڄي وئي هئي.گل هڪ طرف سڏڪندي رهجي ويا هئا ته وري ٻئي طرف مالي دليون هٿن ۾ جهلي ڦٿڪي رهيا هئا.جسمن جا اڌ هڪ پاسي ته وري اڌ ٻئي پاسي بولاٽيون کائي رهيا هئا.اکيون ديوار جي هن پاسي ٿي ويون هيون ته انتظار ٻئي پاسي پنڊ پهڻ ٿي ويا هئا. تصوف جي رنگ ۾ رتل ڌرتي تي وڏو درد سرجي پيو هو. سور جي اکٽ سفر جي شروعات ٿي چڪي هئي.

          وڄ جي ڪرڻ سان پيدا ٿيل تباهيءَ جي عڪاسي آسانيءَ سان ڪرڻ لاءِ دادا هري موٽواڻيءَ جي ٻاجهاري چهري تي ٽاڪيل اکڙين جي اداس ويرانيءَ کي محسوس ڪرڻ ضروري ٿي پوندو هو. لڇمڻ ڪومل جي موڪري چهري جي ڪنڊ ڪنڊ تان اها ويراني ليئاڪا پائيندي نظر اچي ٿي. ۽ وري جڏهن هند ۽ سنڌ جي معتبر شاعره ديوي ناگراڻيءَ جي ڇپيل شاعريءَ جي مجموعي ”سنڌ جي آءٌ ڄائي آهيان“ کي پڙهجي ٿو ته ان ۾ موجود ورهاڱي جي درد کي چڱيءَ ريت پروڙي سگهجي ٿو. اها ساٺيڪو سال اڳ ڪريل وڄ جي تباهيءَ واري پيڙا سرير کي ڌوڏيندي محسوس ٿئي ٿي. زخم تازو ٿي وڃي ٿو. ڏک سائو ٿي وڃي ٿو.

          ديوي ناگراڻي پل به پنهنجي ديس کي نه وساري سگهي آهي. ديوار جي هن پاسي سندس ڀريل سڏڪا هوائون اسان ڏي کڻي آيون آهن. هڪ هڪ سٽ هنئين کي جهيري وڌو آهي.

          ” ڪو ته هوندو

          منهنجي ويران راهن ۾

          نيڻن جا ڏيئا ٻاري،

          منهنجي اچڻ جي واٽ نهاريندو هوندو“

مٿيون احساس نج داخلي آهي. محبوب جي بي رخي بيان ٿيل آهي. ان مطلوب جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن طالب جي چاهه جي اٿاهه گهرائيِءَ کي نه سڃاتو آهي. جنهن ڪڏهن به پنهنجي عاشق جي عشق جي انتها کي نه سمجهيو آهي. تڏهن ئي عاشق جي پيڙا اٿاهه سمنڊ بڻجي وئي آهي پر هن انتظار جي ڪيفيت کي بيان ڪيو آهي. هن بيان ڪيل انتظار جي ڪيفيت جو مني صدي اڳ ڪريل وڄ سان هڪ گهرو تعلق ضرور آهي. هن نظم ۾ شاعره جيڪو درد اظهاريو آهي تنهن درد جو محور اهو تاريخي قصو ضرور آهي جنهن قصي هڪ وڏي اداسيءَ کي جنم ڏنو هو.

          ”ڪو ته هوندو

          جهرمر تارن جي روشنيءَ ۾

          رات ڀر جاڳي جاڳي

          مونکي تڪيندو هوندو“(د _ن)

          شاعره جو هي سمورو نظم هڪ معصوميت کڻي اسان تائين پهتو آهي. هن نظم ۾ ان وارتا کي بيان ڪيو ويو آهي جنهن وارتا ۾ انسان زندهه هوندي به زندهه نه هوندو آهي. جسم هوندي به لولو لنگڙو هوندو آهي ۽ روح هوندي به کوکلو هوندو آهي.هن شاعره جي امرتا ئي ان ۾ آهي، جو هوءَ پنهنجي سادي اظهار سان انسان جي نفيس احساسن کي ڇيڙڻ ۾ ڪامياب وئي آهي.پنهنجي شاعريءَ ۾ شاعره ان انسان کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو اڄ جي دور ۾ روبوٽ بڻجي ويو آهي، جنهن جي احساسن  ۽ جذبن کي وڏين وڏين شهري عمارتن، گاڏين جي شور ۽ فيڪٽرين جي دونهين ماري چيڀاٽي ڪاراڻ مائل ڪري ڇڏيو آهي. اڄ جي انسان وٽ تارن جي جهرمر ۾ محبوب جي ڳولا جي لاءِ وقت ناهي رهيو. جنهن وٽ وقت ئي ناهي جو هو اسر جي اداسيءَ ۾ ڪنهن جي جاڳڻ جي انتظار ۾ اکيون وڇايو ويٺو هجي.

          شاعره ديوي ناگراڻي هن نفسا نفسيءَ جي عالم ۾ انسان جي ڀڄندڙ ڀرندڙ احساسن کي سميٽڻ جي ڪوشش ۾ ڪٿي پاڻ به وڃائجي هلي وئي آهي. پاڻ کي ڳولي رهي آهي ۽ ان ڳولا دوران هن هيءَ شاعريءَ جو مجموعو اسان جي سامهون آندو آهي.

          طوفان ايندا آهن ته هو رڳو گهر نه ڊاهيندا آهن. هو رڳو ماڻهن کي قتل نه ڪندا آهن پر طوفانن ۾ ته تهذيبون، ثقافتون ۽ نظريا به ڌنڌلائجي ويندا آهن پر هن سنڌ جي ڄائيءَ سنڌ جو اصلوڪو مسلڪ يعني تصوف، پنهنجي رئي جي پلاند ۾ سڪ ڳنڍڙي ڏئي ٻڌي رکيو آهي.ديوي ناگراڻيءَ جي رڳو ڪتاب جي ٽائيٽل ۾ سنڌ موجود ناهي پر هن ته پنهنجي هر ساهه ۾ سنڌ ٽاڪي رکي آهي. هر ساهه سنڌ جو کنيو آهي. ايڏو ڊگهو سفر هوءَ پنهنجي سموري جيون ۾ ڪندي رهي آهي، سچ ته رئاري ٿو وجهي. ڊگها سفر ته ماڻهو کي کائي ڇڏيندا آهن. پورو ڪري ڇڏيندا آهن. سينو سڄي ويندو آهي. سور سڳڙي جيان ڳچيءَ جو هار ٿي پوندو آهي. لکين پراون ماڻهن جي وچ ۾ ميلي ۾ وڃايل ٻارڙي جيان ٿي پوندو آهي.

          ”ويران دل جي ٻاهران

          گلدان رکيل هڪ روز ڏسان ٿي

          رکڻ وارو چهرو اڻ سڃاتل

          ڪين ان کي مان پسان پر

          واقف منهنجو ضمير

          بس ياد آهي هڪ نشان“

نقاد کي حق نه ٿو پهچي ته هو ڪنهن تخليقڪار جي تخليق کي سوڙهي ۽ ڪنهن محدود دائري ۾ بند ڪري ڇڏي. سو اسان کي به حق نه ٿو پهچي ته ديويءَ جي شاعريءَ کي سنڌو درياءُ، موهن جو دڙو يا ساڌ ٻيلو قرار ڏئي ڇڏيون پر هن جو داخلي احساس ايڏو ته وسيع ۽ شديد آهي ، هن جي پيڙا ۾ ايڏي ته گهرائي آهي، جو اها خارجيت بڻجي پئي آهي ۽ اها سڀني جي سور سان سلهاڙجي پئي آهي. پر هن ۾ تصوف به جيئن جو تيئن ڀريل نظر اچي رهيو آهي. تصوف جي سرزمين جي شاعره پنهنجي اظهار ۾ثابت ڪيو آهي ته هوءَ اصلوڪي سنڌياڻي آهي، صوفي ۽ ڌرتي سان محبت ڪندڙ ڇوڪري آهي ۽ اهو ئي ان جي شاعريءَ جو ڪمال به آهي. سندس شاعري پنهنجي ڌرتيءَ سان ڀٽائي جي سٽ ”جيئن مينهن ڪنڍڙيءَ پور، تيئن دل وراڪو دوست سين“ جيان سلهاڙيل آهي.

          ڪير آهي؟ جيڪو هن جي شاعريءَ جي بند دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪري رهيو آهي ۽ هوءَ چپ ڀڪوڙي خاموش رهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ته جيئن ڪنهن کي ڀڻڪ نه پئي ته هوءَ اندر رهندي آهي. اهو ئي سچ آهي، جنهن سان اسان سڀ مکا ميل ٿي رهيا هوندا آهيون. اسان پنهنجو پاڻ کي ڳوليندا رهندا آهيون ۽ پاڻ کان ئي لڪي رهيا هوندا آهيون ۽ پاڻ کي به پنهنجي اندر داخل ٿيڻ نه ڏيندا آهيون. انسان جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيڏي نه تلخي آهي، جو هن جڏهن به پاڻ کي ڳولهڻ چاهيو تڏهن هو پاڻ کان پري ئي ٿيندو ويو. انسان سدائين اها ئي زندگي گذاري جيڪا ٻين طرفان مٿس مڙهي وئي ۽ انسان ويچارو ڪڏهن به پاڻ کي ڳولهي نه سگهيو. ديوي ناگراڻيءَ شاعريءَ جي اندر جيڪو انسان جي اڪيلائي جو فلسفو سمايل آهي، تنهن کي ماڻهو جلديءَ ۾ پڪڙ ۾ آڻي نه ٿو سگهي. تڏهن ئي ته هن کي نهايت سڪون سان پڙهڻ ۽ پرجهڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. ديوي ناگراڻي عام شاعره ناهي، جيڪا ٻن عقل ۽ فهم کان خالي جملن ۾ ماڻهوءَ کي سستي تفريح مهيا ڪري، جنهن جو اثر ان پل ۾ ئي هجي، جنهن پل رڳو انهن ٻن سٽن کي پڙهجي.

          ديوي ناگراڻي ٻيلن، دريائن ، ساوڪن ۽ سرنهن جي ڦولارن واري خطي جي اها شاعره آهي، جنهن خطي جي ذهانت جي شاهدي پنج هزار سالن واري موهن جي دڙي جي تهذيب ڏئي رهي آهي.

          عشق انسان جو بنياد آهي. عشق کان سواءِ انسان ڪنڀر جي آويءَ مان نڪتل ان ڀيلي ٿانو جهڙو آهي جنهن ۾ ڪنهن سبب جي ڪري پچڻ واري مرحلي جي دوران ڏار يا ڪو ٻيو نقص پئجي ويو هجي ۽ ڪنهن جي به استعمال جوڳو نه رهيو هجي.

          ”پرين نه اکڙين ۾، هنيئون نه حاضر جن،

          سي هونئين جاڙ جيئن ٺلها ٺاٺا سکڻا“

پر هاڻي عشق جون معنائون بدلجي ويون آهن. عشق جو محور جسم جي ڍير تائين محدود رهجي ويو آهي. پر هن شاعره عشق جي اصلي نشانين کي به واضح ڪيو آهي:

          ”تنهنجي کل

          منهنجي مسئلن کي

          بي پناهه راحت ۽ تازگي ڏئي

          هلڪو ڪري

          هوا ۾ پکيڙي ڇڏيندي آهي“

جڏهن عشق جو محور محبوب جي کل هجي، اتي عشق واقعي به جيئري جاڳندي حقيقت بڻجي پوندو آهي. محبوب کي کلندي ڏسي ۽ ان سهڻن ڏندن ۽ چپن جي ڪنڊن کي تحرڪ ۾ ڏسي دنيا جا غم وسري وڃن ته اهڙي مرحلي ۾ عشق آسمان تي پهچي ويندو آهي. جسم جي بک مٽائڻ به فطري آهي پر عشق جي حاصلات به هڪ حقيقت آهي. عشق ڪنهن جي حصي ۾ ٿو اچي، ڪنهن جي دام ۾ ٿو ڦاسي سا هڪ الڳ ڳالهه آهي پر شاعره ديوي ناگراڻيءَ پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي:

          ”تنهنجا لفظ

          ڇا ملهه ڪٿيان مان تن جو

          جڏهن تون ڪجهه چوندو آهين

          مهنجي دل جو درد گهٽجي

 ڳري برف جيان پنهنجي پاڻيءَ ۾

هلڪو ٿي پيو ترندو آهي

تون نه ٿو ڄاڻين“

تون نه ٿو ڄاڻين نظم ديوي ناگراڻيءَ جو پڻ دل ۾ سانڍي رکڻ جهڙو نظم آهي. شاعره ديوي ناگراڻي، شاعريءَ جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ سڀني صنفن ۾ هن پنهنجي داخلي احساسن کي دٻجڻ نه ڏنو آهي. هن بحر ۽ وزن ۽ جماليت جي چڪر ۾ ڦاسي پنهنجي حقيقي احساسن ۽ جذبن کي کي قربان نه ڪيو آهي. اها هڪ تخليقڪار جي فتح آهي ته هو جيڪو چوڻ چاهي اهو چئي وڃي! ۽ ديوي ناگراڻي سڀ ڪجهه چئي وڃڻ ۾ ڪامياب وئي آهي.

         

 

         

Advertisements

Responses

  1. I feel happy my presentation on your website
    ghous


एक उत्तर दें

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  बदले )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out /  बदले )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  बदले )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  बदले )

Connecting to %s

श्रेणी

%d bloggers like this: