Posted by: Devi Nangrani | फ़रवरी 16, 2010

Sindh ji Jaayi_Views-Naseer Somro

ديوي .. سنڌ ڄائي

شاعري جو وکر پئي پراڻو نٿو ٿئي. جڳن کان دنيا جي هر خطي ۾ شاعري ٿيندي رهي آهي ۽ جيستائين انسان زندهه آهي، تيستائين اندر جا احساس پڻ اظهاربا رهندا. 

شعر لفظ جو ڌاتو شعور آهي ۽ ادب لفظ ”دٻ“ مان نڪتل لڳي ٿو. زندگيءَ ۾ بي پناهه اٿل پٿل سبب دل ۾ مختلف ڪيفيتون پئدا ٿين ٿيون. ڪيفيتن جو دٻاءُ انسان کي اظهار ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو، پر هر شخص کي اظهار جو ڏانءُ نٿو اچي، البته هو ٻين جي تخليقيل ادب ۽ آرٽ مان لطف اندوز ٿي آٺرجڻ (Catharsis) جي عمل مان گذري ٿو.

 

ديوي ناگراڻيءَ پنهنجو درد سڃاتو آهي ۽ هن کي اظهارڻ جو ڏانءُ به اچي ٿو، توڻي جو اهو پختگيءَ جي چوٽيءَ کي ڇهي نٿو، ته به پنهنجي ذات جي اشاعت تي جس لهڻي.

ڪوتائن جي مجموعي ”سنڌ جي آنءُ ڄائي آهيان.“ ۾ شاعرا پنهنجو اندر اوريو آهي. هن جو درد هر عورت ۽ هر شخص جو درد آهي. اهو درد آهي ڳولا جو درد! ڪنهن واٽ ڳولي ته کيس منزل نه ملي، ڪنهن منزل سُڃاتي ته.. ان تائين رسائيءَ جي واٽ کان محروم رهيو.

شاعر پنهنجي ديس جي نظرياتي سرحدن جا رکوالا ٿين ٿا. ڪهڙو ديس؟ زمين جو خطو، جنهن جو هو شهري آهي. ها! ظاهري طور ته ائين آهي، پر حقيقت ۾، جيئن هوا جو،گل جي خوشبو جو ۽ برسات جي وسڪاري ۽ روشني جي رنگن جون ڪي حدون مقرر نه آهن، تيئن شاعرسڄي ڌرتيءَ ۽ ڪائنات کي پنهنجو ديس سمجهي ٿو.

 

سڪ ڪڏهن سوگهي نه ٿيندي سرحدن جي قيد ۾

واءُ کي آزاد ڇڏ، ايندو رهي، ويندو رهي.

 

سنڌي ٻولي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ سان مالا مال آهي. اردو جي ڀيٽ ۾ اسان جي شاعري توڙي ڪهاڻي، ناٽڪ، ناول يا مضمون ۽ ڪالم ۾ مصنف جي پنهنجي ڌرتي سان وابستگيءَ چوڏهين جي چنڊ وانگر چٽي نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي کي ڌرتيءَ هوندي به ٽئين ۽ چوٿين درجي جو شهري هجڻ جو احساس اڏوهيءَ وانگر کائي رهيو آهي. سرحد ۽ سمنڊ پار رهندڙ سنڌين کي ته ڌرتي کسجڻ جو احساس اسان کان وڌيڪ ستائيندو هوندو.

سچ اهو آهي ته، جڏهن شاعر سڄي ڌرتيءَ ۽ ڪائنات کي پنهنجو ديس سمجهي ٿو، ته ان وقت هن کي زندگي فقط پنهنجي ذات جو نه پر گڏيل انسانيت جو نوحو محسوس ٿئي ٿي. اها ڳالهه سڀني کي سمجهه ۾ نه ايندي. ميران ٻائيءَ چواڻيءَ ته،

 

پريم ڪيو ديواني منهنجو درد نه ڄاڻي ڪو

گهايل جي گت گهايل ڄاڻي ڄاڻي ڪونه ٻيو

مير درد چيو ته،

درد ڪجهه معلوم هي يه لوگ سب

کس طرف سه آئي تهي، کدهر چلي

پنهنجو درد سڃاڻڻ ۽ پاڻ کي سڃاڻڻ، انسان جي وڏي ۾ وڏي ڳولا رهي آهي. قبل مسيح جي يوناني شاعري پڙهون ٿا ته، پنهنجي بڻ بنياد جي ڳولا، ڪٿان آياسين، ڪٿي وينداسين، آغاز ۽ انت بابت ڪا پروڙ نٿي پوي.

هڪ يوناني شاعر جي چوڻ موجب هيءُ شعر پڙهي ڏسون ٿا ته:

 

خبر نه ڪير ڪٿان ڪڏهن آيو آ

وڃڻو آ ڪيڏانهن ويندس مان.

جيتوڻيڪ اڄ جي دنيا پنهنجي وجود ۾ اچڻ واري دنيا کان بي حساب طورتي بدلجي چڪي آهي ۽ هر گهڙي بدلجي رهي آهي. ان حد تائين جو انسان چنڊ تي پنهنجو جهنڊو گهاڙي آيو آهي ۽ دنيا جي ڪل ڊيگهه ۽ ويڪر ڪمپيوٽر جي چپ ۽ موبائيل جي سيل ۾ سموئجي وئي آهي ، ان جي باجود ٽيڪنالاجي اڄ به مٿي  ڪيترن ئي رازن جون گٿيون سلجهائڻ کان قاصر آهي. دماغ کان ٻاهر ”پاڻ“سڃاڻڻ جا پارپتانه ملندي ڏسي شاعره کي چوڻو پيو ته،

 

پاڻ ۾ پاڻ کي پائڻ جي

ڪوشش ڪندي آهيان.

 ۽ بال جبريل ۽ علامه اقبال به ساڳي درد جي سڃاڻپ هيئن ڪرائي ٿو ته،

کهلتا نهين ميري سفرِ زندگي کا راز

لاؤن ڪهان سي بنده صاحب نظر کو مين

حيران هي بو علي که مين آيا ڪهان سي هون

رومي به سوچتا هي که جاؤن کدهر کو مين

جاتا هون تهوڙي دور هر اک راهرو ڪي ساتهه

پهچانتا نهين هون ابهي راهبر ڪو مين

 

انسان کي زندگي جي حقيقتن جو سامنو ڪرڻو پوي ٿو. ڪيترائي خواب ۽ سپنا ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي وڃن ٿا، جن کي جوڙڻ جي جستجو ۾ من گهڙي من موهن سان آس ۽ اميد جون ڳالهيون ڪرڻيون پون ٿيون، ديويءَ جو هيٺيون خيال ملاخطه ڪريو ته،

تنهنجي مرڪ!

روشني جا ڪرڻا بڻجي

ڪيترو نه منهنجي گهر کي

روشن ڪري رهي آهي.

 

هند ۽ سنڌ ۾ تصوف جي حوالي سان گهڻا سنت ۽ درويش روحاني تجربن مان گذريا آهن. لايعنيت (Absurdity) جي ڀيٽ ۾ تصوف ۾ وحدت الوجود جو لاڙو شاعريءَ جي همه گيريت جي احساس سان ٺهڪي اچي ٿو. موسيقيءَ جي لئي، مئي جي مستي، محبوب جا ماڻا شاعر جي داخليت ۽ خارجيت کي هم آهنگ رکن ٿا. اها هم آهنگي لذت پرستي جو روحاني مت آهي.

 

يونان جا ڏاها عشق ۽ محبت جي خيال کي اصليت کان ڌار رکڻ کي دانشوراڻي لاڙي جي برخلاف سمجهندا هئا.ا هو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ڏيئي جو ذڪر ٿئي پر ان جي لاٽ جو ذڪر نه ٿئي.

گهڻي ڀاڱي، عورت ليکڪائن نه صرف عورتن جي مسئلن ۽ احساسن تائين پاڻ کي محدود رکيو آهي پر پاڻ کي اڌوري انسان هجڻ جي روايتي تصور کي غلط ثابت ۾ پاڻ موکيو آهي. ليکڪه ان سڄي واتاورڻ کي مثبت انداز ۾ ڪيڏو نه خوبصورتي سان اظهاريو آهي. ڇا ته خيال ڏنو اٿائين ته،

 

ڪو ته هوندو، جو جهرمرتارن جي روشني ۾

رات ڀر جاڳي جاڳي مون کي تڪيندو هوندو.

 

شاعريءَ جيئن ته سڄي زندگيءَ جو رياض آهي. ان جي ڪٿ محض ڪجهه ڪوتائن يا رچنائن جي معيار تي ڪري نٿي سگهي. ديويءَ جي دل ۾ دک جي دونهين دکي رهي آهي، البته ان پرڪاش کي چڻنگ ۽ شعلي ۽ بڻجڻ لاءِ اڃان رت – ولوڙ ڪرڻي پوندي اسان جون نيڪ تمنائون ساڻس گڏ آهن.

  نصير سومرو

ڪراچي

تاريخ: جولاءِ 22، 2008ع

 

 

Advertisements

एक उत्तर दें

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  बदले )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out /  बदले )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  बदले )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  बदले )

Connecting to %s

श्रेणी

%d bloggers like this: