Posted by: Devi Nangrani | फ़रवरी 16, 2010

Sindh ji jaayi-Shyam Kumar

روح جي اجهل جهرڻي ۽ موتين ڀري کاڻ مان  

لڇمڻ-ريکا جي هن پاري واري سه – آتشيءَ ٻولي واري شاعره ديوي ناگراڻي جيڪا مون لاء

Shyam Kumar

ِ ڪجهه سمئه اڳ هڪ اجنبي، اڻ ڄاتل، اڻ سڃاتل وجود جيان هئي، پر سندس هوتائن، جي آڪار ۾ ننڍڙيءَ ڳٽڪي، ”سنڌ جي آنءُ  ڄائي آهيان“  جي اڀياس بعد انڪشاف ٿيو ته اها هر ظاهر طور پتڪڙي تخليق پنهنجي فڪر جي اوچي اڏام،  جيون جي انڊلٺي تکن  ۽ جهڪن رنگن جي ڌوپ ڇاؤن، اندر جي اونهين گهراين مان جهرڻي جيان ةٽندڙ اڌمن، امنگن ۽ جذبن جي گوناگونيت، موضوعن جي گهڻ-پاسائين اصنام تراشيءَ ۽ جهنجهوڙيندڙ چونڊ ۽ پيشڪش جي انفراديت، اوپري اوپري احساس کان اڻ لکي طور سوري هر انسان جي ساهه جيترو، اوڏو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان ۾ آءٌ به شامل آهيان!.

        ديوي جون ڪوِتاوئون  به ايئن پيون ڀاسن جيئن  ڪنهن سڪي جا ٻه پاسا هوندا آهن، تيئن هنن شعري رچنائن جا به ٻه رخ آهن: هڪ قنوطي (Pessimistic) جنهن ۾ اپار پيڙا، ڏائڻ جهڙي هيڪلائپ، دنيا جي بي ثباتي آلودگي ۾ ٿڦيل شهري زندگي، پنهنجن پراوَن جي بي حسي ۽ ”گوتمي درد“ ۾ وڪوڙيل سمورو وجود. لڳي ٿو ته ديوي پروميٿيئس وار ۽ ڀوڳڻا ڀوڳيندي رهي ٿي! هتڙي مون کي ميرا ۽ قرة العين طاهره جو تسلسل ڏيکاري ڏيندو نظر اچي ٿو!.

        ديوي جون رچنائون- مختلف صنفن تي مشتمل- روح جي اجهل جهرڻي ۽ موتين ڀري کاڻ مان، بي ساختگي سان، ڦٽنديون ڏيکاري ڏين ٿيون، ان ڪري انهن ۾ پوِترتا، ڏاهپ، ازلي درد ۽ امر پريم جون ڌارائون هر ڏس ڏانهن تسلسل سان روان دوان آهن. جن اندر داخليت جو عنصر نارجيت کان سرسيرو آهي ۽ انهن جو سنگم گنگا-جمني ڏِک پيو ڏئي. سندس نظم ”سنڌي آهيان“ جون سٽون،

شال رهين آباد رهين شل

منهنجي سهڻي سنڌ سڀاڳي

        سنڌ جي قومي تراني، جو ڏِکُ پيون ڏين ۽ اهو به ناري جي منفرد شناخت ۽ رچنا رچيل! هيڏو ڏور رهندي وطن جي انوکي ۽ اٽوٽ پيار جي نهايت سندر ساروڻڻي (Nostalgia) آهي.

        ديوي جا ٻه نظم اڪبري ۽ اصغري هيئت وارا: ”سنامي“ ۽ ”موت جي ڇايا“ اندر به ”فڪري ڇايا“ جي ڌنڌ کي اُڊيڙڻ جو جتن پيارو ۽ لڀائيندڙ ٿو لڳي:

عجب هيءُ سنگم آتتون جو ديوي

هوا، پاڻي، آڪاش، اگني ۽ ڌرتي

ملي پاڻ ۾ ڄڻ ته هڪ ٿي وياسي

سناميءَ جي نالي ۾ جيون وٺي ويا.

        موت ۽ زندگي جي ازلي ڳجهارت جيڪا هميشه ازلي رهندي، انڪري امر رهندي! زندگي ڇا آهي؟ تتون جو يڪجا ٿيڻ ۽ موت تتون جو وکرجڻٰ!ٰ! ٻنهي Aspects ۾ اگر گهرائي ڏسجي ’امرتا‘ موجود آهي!!!

        ’لهڻيدار‘ پڻ Thought Provoking آهي. ان جو آخري بند خاص طور تي، انسان جي اڻ، سڃاتل چڱائي، گوندر ڏور ڪري، جيئڻ جو وشواس ۽ موٽ ۾ پنهنجي چڱائي جو عڪس نروار ڪرڻ لاءِ اتساهيندي رهي ٿي!

        ’من جي غلامي‘ رچنا ’ٻوڌي فڪر‘ ۽ ’شيڪسپيئري سوچ‘ جي نوراني پکشن ڏانهن علامتي اظهار جيان ڀاسي ٿي. من جي غلامي جنهن جو انحصار ترشنائن، واسنائن جي واسينگي ٿنڀن تي بيٺل آهي، جنهن اندر حيات جي رنگ-منچ جا مختلف اسٽيجز به شامل آهن، اِهي سڀ ’نجات‘ جي راهه جون رڪاوٽون بڻيون رهن ٿيون ۽ اسين اَ-وديا سبب، خوشي خوشي ان جي اندر هر روز مرندا ۽ جيئندا رهون ٿا. اسان جو جيون هو وڏو الجهيل Pandora’s box آهي، ڪوريئڙي جي ڄار جيان!.

        ’جوالا مکي‘ پڙهي احساس ٿيم ته ڌرتي ماتا جو ازلي بي-زبان درد پنهنجي اندر جي اپار آتش کي ٿڌ ڪرڻ لاءِ ڪيڏيون ور وڪڙ ڦيراٽيو پيون کائي. ڪاش! سمنڊ جي اپار، بي انت گهرائي سان يس شانت ڪري سگهجي!.

        ’سجاڳي‘ اندر ويدانتي فڪر جي هلڪي جهلڪ جو نفيس احساس ترندو ڏيکاري ڏئي ٿو!

        ’ڪو ته هوندو‘ جي تهه اندر موجود مصوري جو معصوم ۽ پيارو چتر پسي مونکي پنهنجي محبوبه، رام جي سيتا جيان، لڇمڻ ريکا جي هن پار چٽيءَ طرح ڏيکاري ڏيندي رهي!

        ’مان ڪجهه به نه آهيان‘ چتر ڏسڻ بعد ’خان خانان‘ جو هيءُ فارسي شعر ذهن مان اڀري ڪناري ڀيڙو ٿيو:

من تو شدم تو من شدي، ما جان شدم تو تن شدي

تا ڪس نه گويد بعد ازين من ديگرم تو ديگري

        ’ڇا خبر آهه انهيءَ کي‘ جو ڪينواس گهرو ۽ وسيع آهي، ڄڻ سموري فطرت پنهنجي لوچ، سوچ ۽ ڪروڌ سميت ان جي Currents ۽ Under-currents اندر ڇُلي رهي آحي. ديوي جي هن چٽ اندر آخري پنجن بندن ۽  ’ڪيئن پيئي ٿو درد پنهنجو، زهر جيان ڪو ڍُڪَ ڀري.‘  انسان پنهنجي درندگي ذريعي پنهنجي ئي هٿ سان، تهذيب جو، انسانيت جو ۽ پنهنجو انت آڻي اڄوڪي، نرالي تاريخ پيو لکي! هيءُ عجب (Paradoxical) سقراط پنهنجي مٿان پيدا ڪيل ان درد کي مسلسل پيئندو ٿو رهي! ڪيستائين؟ هي عڪس وارن گاگ جي زندگي جيان پيو ڀاسي، جيڪا Lust from life ۾ چٽيل آهي.

        ديوي جا گيت به مڌر مڌر ۽ سندر سندر آهن؛ جن ۾ آشنائن ۽ نراشائن جا اولڙا تن من تي بارش جي هلڪين ۽ تيز بوندن جيان پون ٿا.

        سندس ’2-گيت‘ پڙهنڻ بعد ان جي ’اڻ-پورڻ‘ هجڻ جو احساس ٿيو اٿم. لڳي ٿو سهڻي ديوي جي پڪڙ کان گهڻو ڏور وڃي نڪتي هوندي، ڀئي، کيس ڳولهڻ جو جتن ڪندو رهڻ جھڳائي.

آزادي جون هيٺيون سٽون:

پيار وري پوکي دل دل ۾………

…………………………………..

دنيا اندر رهي نه سگهبو.

’آزاديءَ جي شمع‘ اندر،

سپوت سنڌ جي هيمو ڪلاڻيءَ ڪڏهن نه پٺتي پير هٽايو.

        پڙهي محسوس ٿيو ته ديوي ساڌارڻ خاتون ڪونهي، بلڪه سندس من ۾ آزادي جي سرويچن لاءِ بي حد اَڪير، احترام ۽ پيار جو ڀاؤنائون به موجزن ڏيکارجن ٿيون، جيڪا اسان جي خود ساخته، پدرسري سماج اندر فخر جي ڳالهه سمجهڻ جڳائي.. ديوي جي ’بي قافيه نظم‘ اندر آخري ٻح بند،

………………………………..جهڙو خدا جو آ بندن سان.

        پڙهي خيال اتپن ٿيو ته هر يگ ۾ ديويون ۽ ديوتائون آستڪ (Thiesk) رهيا آهن. صرف دئيت، بقول شخصي، ناستڪ (Atthiest) هوندا آه. ديوي ناگراڻي مٿي ڏنل ’بي قافيه نظم‘ جي بندن مطابق واقعي آستڪ آهي ۽ انهن جي روشني ۾ عزت جوڳي پڻ..

’11-گيت‘ جي بند،

خون آ گهاڻو، پاڻي پٽڙو،

سو به بڻيو آ، قطرو قطرو.

        جي ذريعي ڪلجڳ جي قدري، تهذيبي، سماجي گراوٽ ۽ مادي بدحالي جو ريمبرانٽ جي چتر جهڙو چڀندڙ عڪس ڇڪيل ڏيکارجي ٿو.

        ’ڄامڙو‘ نظم ۾ هڪ اڇوتو خيال پسجي پيو. هر ڪو وجود، ننڍڙو خواهه وڏو، پنهنجي جاءِ تي اهم ۽ Indispensable آهي ۽ ’ناوجود‘ جو اٽوٽ انگ!

’بس تون ۽ مان نه ڄاڻون‘ جون آخري بند واريون هيٺيون سٽون:

هي هل هلان جو ديوي

سارو لڳي پسارو

بازيگرن جياسن آ

هي کليل ڪنهن رچايو

آ ڪنهن جي هٿ ۾ ڏوري

بس تون ۽ مان نه ڄاڻو.

پڙهي غالب ياد  اچي ويو،

بازيچه ، اطفال هي دنيا ميري آگي

هوتا هي شب و روز تماشا ميري آگي.

غالب ۽ ديوي هر يُگَ ۾ پراسرار جي اسرار کي حيرت مان تڪيندا ڏيکاري ڏيندا رهن ٿا.

        ’اختيار‘ اندر اختيارات جي ورهاست جي سهڻي فيلسوفاڻا  موشگافي ڀلي لڳي!

شيام ڪمار

 

Advertisements

एक उत्तर दें

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  बदले )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out /  बदले )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  बदले )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  बदले )

Connecting to %s

श्रेणी

%d bloggers like this: