Posted by: Devi Nangrani | फ़रवरी 11, 2010

Sindh ji Jaayi-Geeta Raj

جذبات ، اُمنگ ۽ سوچ جا ٿنڀا

 

Geeta Raj

ديويءَ جي غزلن ۽ گيتن کي پڙھندي لڳم ته ھُن پنھنجي جذبات، اُمنگن ۽ سوچ جا ٿنڀا ڏيئي لھرن تي لڏندڙ گھر کي مضبوط بنائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن جي زباني اچو ته  ٻُڌون…. 

مھاڪال ايڏو ڪڏھن ڪين آيو

ڪري قھري ٽانڊو تو جل ٿل وھايو

     ديويءَ جي لکڻيءَ ۾ اظھار ڪرڻ جي قوت به آ ۽ لئه به آھي. ڪيئن نه ھوءَ سوچ کي ولوڙي لکي ٿي،  سندس من جو پکي پرواز ڪري دور دور اُڏري دنيا، دنياداري ۽ اِنسان جي حالت جو جائزو وٺي چئي رھيو آھي….

ڪيڏيون ريتيون رسمون آھن

ٻندڻن جون ڄڻ شيخون آھن

تِن جڪڙيو ڄڻ ساه الا

ميھر بن سُھڻي ماندي الا.

     من جو سنگھرش ۽ اُڌمن جي دشا جي تصوير جا شبدن سان بيان ٿي ڪري سو سندس سوچ جي اُڏام جي ماپ آھي….

ماٺ جي زبان ٿي

پُڪاري اُن پرينئه کي

جو آواز جي گونج بڻجي

وڄي رھيو آھي

منھنجي من مندر ۾.

     اڳتي ڏسو ڪيئن پنھنجي آزمودن کي سامھون آڻي رھي  آھي….

تنھنجو چھرو

منھنجي روح ۾ اُڪريل آھي

تون ليکڪ ٿي پوندو آھين

مان فقط اکر پڙھندي آھيان.

     ساھتيه ۾ ديويءَ ويجھڙائيءَ ۾ قدم رکيو آھي، شروعاتي ڪوشش ۾ جي ڪڏھن ھيتري گھرائي آهي ته اڳتي ھلي سنڌي ٻوليءَ جا انيڪ گھڙا ڀريندي ديوي؛ اھڙي پڪ ھر پاٺڪ کي لازمي ھئڻ کپي. منھنجون دلي واڌايون ھُجن ديويءَ کي جا قدم قدم منزل ڏانھن پئي وڌي.

 

گيتا راج

لنڊن، يو. ڪي

24 فروري، 2008

Advertisements

एक उत्तर दें

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  बदले )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out /  बदले )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  बदले )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  बदले )

Connecting to %s

श्रेणी

%d bloggers like this: