Posted by: Devi Nangrani | फ़रवरी 11, 2010

Sindh ji jaayi-Azhar Bhambhan

 موئن جي دڙي کان تاج محل تائين

شاعري،جنهن کي آنءُ نيڻن سان تشبيهه ڏيندو آهيان، اهڙا نيڻ جيڪي شاعري جي چنچل سٽن جو ورد ڪندڙ آڏو دنيا جهان جي فلسفي جا جلترنگ پکيڙي ڇڏيندا آهن، شاعري جنهن کي ڏات ۽ الهام جهڙن امرت ڌار لفظن جي تشبيهن جي تسبيح ۾ پوئيو ويندو آهي، اها شاعري آتما جي ماڳن، مڪانن ۽ منزلن جي پار اپار جون سرحدون ڇهي پرماتما جي پوترتائن جي پرتش ۾ گم ٿيڻ جو گيان آڇندي آهي، مون تي به شاعري جي ڀاشا جون نرم لاڳيتون ڪڏهن ٺمرين ته ڪڏهن ڪيڏاري ۽ ڪڏهن ديپڪ راڳ ته ڪڏهن ايمن راڳ بڻجي شام جي شفق جا خمار نڇار ڪنديون رهيون آهن ۽ آڱرين جو خدا ڪيئي غزل، نظم، گيت ۽ وايون سرجيندو رهيو آهي، بلڪل اهڙن ڪومل آڱرين مان جڏهن ماڪ ڀنل ڪويتائون سرجيلا پڙهندو آهيان، تڏهن ان جي منظر، پس منظر، خيال،  رڌم ۽ لئه تي جهومي پوندو آهيان، ڪيئي وجدان جا رنگ ڦٽي پوندا آهن، نمرتا کان جلال، امن کان جنگ ۽ انقلاب جي لهرن تي سفر ڪرڻ لڳندو آهيان.

اهو حال فقط منهنجي شاعراڻي رمز جو ناهي پر اهڙو حال هر ان شاعر جو آهي، جيڪو سندر ڪويتائن جي سندرتائن جا انگ ۽ رنگ اڻي ٿو، هر ڪوتا گرجي اندر ۾ موئن جي دڙي کان تاج محل تائين جهڙا ميرانجهڙا ۽ نور سان وهنتل احساس هجن ٿا ۽ اهي احساسن جا پنڇي اندر جي جزيرن مان اڏامي ڪاغذ جي ڪوري بدن تي وڇائجي وڃن ٿا، تڏهن اهو ڪاغذ رنگن ۽ احساسن جي هولي سمان بڻجي وڃي ٿو، اهڙن رنگن، روپن ۽ احساسن جي گهنگهروئن سان ڇن، ڇن ڪندڙ ڪومل ڪويتائون ديوي ناگراڻي به سڄڻ ۽ ساڻيهه کي ارپن ڪيون آهن، جن ۾ آتش فشان جي جلائيندڙ اگني به آهي ته گنگا جل جي ٿڌڙي لهر به آهي، جنهن ۾ سچل ۽ منصور جهڙي مستي به آهي ته ڀٽائي جو نمي نهارڻ وارو درس به موجود آهي، خليل جبران جهڙي لفظن ۽ سٽن ۾ امرتا ۽ سدابهار رهڻ واري سگهه به آهي ته رومي واري صوفيت جو سرور به ويڙهيل آهي، مٽي جي مهڪ جي مڌر خوشبو آهي، جيڪا پڙهندڙ جي اکين کي ڇهي دل ۽ دماغ ۾ تازگي جي سلطنت جوڙي ڇڏي ٿي.

ديوي ناگراڻي جتي شاعري جي مختلف صنفن ۾ لکيو آهي، اتي انهن صنفن ۾ هن فن ۽ فڪر کي به مضبوط مورچو بخشڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، روايت ۽ جدت جو حسين سنگم آهي، مختلف صنفن ۾ تخليق ٿيل مختلف تخليقون جتي پڙهڻ ۾ آبشارن جي رواني رکن ٿيون اتي عام فهم ۽ ٻيهر پڙهڻ لاءِ اپيل به ڪن ٿيون، ڪيترائي اڇوتا ۽ اڻ ڇهيل احساس جيڪي ديوي ناگراڻي جي شاعراڻي پختگي ۽ انفراديت جو علم بلند ڪن ٿا. ديوي ناگراڻي جي شاعري سان ڌرتي سان عشق جي انتها ان مان پرکي سگهجي ٿي جو هي چوي ٿي ته:

سنڌي گلشن جو گل آهيان،

جڳ اندر خوشبول ڦهلاين،

ڳڻ ڳائي تنهنجا او سنڌڙي!

هر ڪنهن کي مان ميت بڻايان

سڏ ڪري سنکٽ ۾ ديوي،

ان جو سڪ مان سڏ  اونايان

سنڌ جي آنءٌ ڄائي آهيان.

 

سنڌ جيڪا بزرگن، ولين، صوفين ۽ ساڌو منش مهمان نوازن جو ديس رهيو آهي، اتي انهن صوفين ۽ شاعرن پڻ سنڌ کي دعائن جا ديوان آڇيا آهن، سنڌ ۽ دنيا جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ٻڪن جي تهن تي اهي دعائون تريون ته

“سائيم، سدائين، ڪري مٿي سنڌ سڪار”

جا آلاپ گونجي پيا، ساڳي رمز جو رنگ پائي ديوي ناگراڻي به چوي ٿي ته:

شاد رهين آباد رهين شل،

منهنجي سهڻي سنڌ سڀاڳي،

تنهنجو دک، سک  پنهنجو ڀايان،

سنڌ جي آنءُ ڄائي آهيان.

ديوي ناگراڻي جون ڪويتائون احساسن، جذبن، ٽهڪن، مرڪن، جمالن،المين، سانحن ۽ واقعن جي تاريخ آهن، اهڙي تاريخ جنهن کي مؤرخ ته وجود نپوڙي رقم ڪيو پر قاري لفظن ۽ سٽن جي شمشان کان گلستان تائين ڪڏهن سڏڪي ۽ ڪڏهن مرڪي مرڻ ۽ جيئڻ جي موسمن مان گذري ٿو.

ڪو ته هوندو، جو

منهنجي ويران راهن ۾

نيڻن جا ڏيئڙا ٻاري

منهنجي اچڻ جي واٽ

نهاريندو هوندو.

منهنجي سوچ جي جهنگل ۾،

شريڪ آهي، مون ساڻ

سڄي جهان جو شور،

گهڻن جا غم، گهڻن جون اداسيون،

منهنجي گهٽ جي سنسان آڪاش ۾،

بادلن جا ذرڙا بڻجي

هوائن جي برف تي

پنهنجو رخ پيا مٽائن.

 

پيٽ ڀري ٿي ڪين نصيحت،

ڏئي سگهين جي روٽي ڏي.

 

سمهيل سرت ٿڌڙا ڪڍي جا اٿاري،

وسايل ڏيئن کي جا اوندهه ۾ ٻاري،

اها روشني آ، اها روشني آ .

 

رهي ڌيان جي ڌن ۾ ديوي اندر جو

گهڻو ڪجهه بنا ڪجهه چوڻ جي ڪري سو،

اها بندگي آ، اها بندگي آ.

 

وطن جو پڙهيو حال اخبار ۾ اڄ

پڙهي بس رني دل، رني آهي، اک اڄ.

اهڙيون ڪئي سٽون هن مجموعي ۾ موجود آهن، جن کي هر هر پڙهڻ لاءِ دل گهري ٿي، آءُ اميد ۽ پرارٿنا ٿو ڪيان ته شل ديوي جيڪا سنڌي شاعري جي گلدستي جو هڪ خوبصورت مهڪندڙ گل آهي، اها پنهنجي ڪومل ڪويتائن جي خوشبو کي ايترو ته پکيڙي جو سارو ديس سندس سارون، پچارون بڻيل رهي.

اظهر ٻانڀڻ….ڪراچي – سنڌ

Advertisements

एक उत्तर दें

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  बदले )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out /  बदले )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  बदले )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  बदले )

Connecting to %s

श्रेणी

%d bloggers like this: