Posted by: Devi Nangrani | दिसम्बर 24, 2007

Sindh ji Jaayi-Gowardhan Ghayal

  مھاڳ

 

 مشرق جي محبوب شاعر خليل جبران لکيو آھي ته دماغي جاکوڙ ڪندڙ شاعر جو شعر اھڙو آھي جھڙو آڱرين جا سخت ننھن، پر اُمنگ ۽ اُتساھه وارو شعر اِئين لڳندو آ جيئن روحاني چَپن جي چُمي، جا زخمي دل ۽ دماغ کي تازو ڪري ڇڏي .

     ڪنھن به سُٺي شعر ۾ ٻه شيون لازمي طرح ھئڻ گھرجن: ھڪ اھا ته ڪوتا جي ھر لفظ مان ڪويءَ جي من جي موج، اندر جي اُڇل ۽ اصليت جو اِظھار ٿيڻ گھرجي ۽ ٻيو ڪوتا پڙھندي يا ٻُڌندي، پڙھندڙ يا ٻُڌندڙ جي دل جي درياھه ۾ اُھي ساڳيون ڇوليون پيدا ٿيڻ گھرجن، جي ڪويءَ جي من ھرديه ..ساگر ۾، ڪوتا جي رچڻ وقت اُٿي رھيون ھيون. ٻي خوبي آھي ڪوتا جو ٻاھريون رنگ روپ. ڪوتا ڇند وديا يا علم عروض جي ڪسوٽيءَ تي پڻ ڪَسي ثابت نه ٿِيڻ گھرجي. 

     شعر آھي زندگيءَ جو آئينو. شاعر پنھنجي من جي مھراڻ ۾ ٽُٻيون ڏيئي، بي بھا موتي ڳولھي، تِن کي پوئي جڏھن حسين ھار جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو، تڏھن اُن کي شعر ڪوٺيو ٿو وڃي. شعرکي ٻن حصن ۾ ورھائي ٿو سگھجي. داخلي شعر ۽ خارجي شعر ((subjective  ۽  (objective) .  داخلي شاعر دل جي درياه ۾ ٽُٻيون  ڏيئي اندر جا احوال اورڻ شروع ڪري ٿو. ھو پنھنجن اُمنگن، اثرن، آزمودن ۽ شخصيت تي روشني وجھي ٿو. خارجي شاعر، دل جي دنيا بابت نه پر، خود دنيا بابت پنھنجا ويچار ورنن ڪندو آھي. ھو ڪنھن خاص چيز (شئي) مضمون يا ويچار کي نظر ۾ رکي، اُن تي روشني وجھندو آھي. جيتوڻيڪ ٻنھي حصن جي وچ  ۾ ڪا  لوھي ديوار کڙي ڪيل ڪانھي پر اِن ۾ ڪو به شڪ ناھي ته داخلي شعر جو مقام خارجي شعر جي مقام کان مٿي آھي.

      “سنڌ جي آنءُ ڄائي آھيان”  جي رچناڪار باشعور شاعرا ديوي ناگراڻيءَ کي ھڪ ڏھاڪي کان پڙھندو آيو آھيان، ڪڏھن ھندواسي ۽ رچنا ۾ ته ڪڏھن ڪونج ۽ سِپون ۾. سنڌيءَ ۾ ڇپيل سندس غزلن جا مجموعا ” غم ڀنل خوشي”  ۽   ” آس جي شمع ” ادب نوازن وٽ قبول پيا آھن. سندس هندي غزلن جا ٻه مجموعا  “چراغ ِدل” ۽  “دل سي دل تڪ” سندس فني خصوصيتن جا سھڻا مثال آھن. سنڌ ۽ ھند جي سنڌي غزل گو شاعرن ۾ ديويءَ قابل تعريف مقام حاصل ڪري ورتو آهي  اِن ۾ شڪ نه اٿم. ديويءَ جي غزل جي  باريڪين ۽ علم عروض جي پختگين کي ساراھيندي سدا حيات دادا دلگير، جناب ايم. ڪمل، دادا پرڀو وفا، شري واسديو نرمل ۽ دادا ارجن سڪايل به ھن جي سنگره ” غم ڀِنل خوشي”  جي مُھاڳ ۾ لکيو آھي ته “غم ڀِنل خوشي” خيالن جي اڇوتي ھئڻ ۽ ٻوليءَ جي ٻل  جو ۽ قلم جي قوت جو ضامن بڻجي اسان جي سامھون آيو آھي، تنھن جو ھڪڙو سبب سندس ڏات ۽ ڏاھپ جي سنجيدگي آھي.”

     ديوي ناگراڻيءَ جو ڀڄن سنگرھه ” اُڏر پکيئڙا” پڙھي خاطريءَ سان چئي سگھان ٿو ته ديويءَ جي شاعريءَ جو ڪئنواس وسيع آھي. لکڻ محض شوق ناھي، سندس درديلي دل ۾ جو غبار آھي اُھو غزل، نظم، وائي، گيت وغيره جا ويس پھري، ساراهه جوڳي پيشڪش جي پُراثر رنگن سان نکريل آھن.

     “سنڌ جي آنءُ ڄائي آھيان”  اُن مالا مثل آھي  جنھن ۾ ڪيترن قسمن جا گل، انيڪ رنگن سان رنڱيل ۽ طرح طرح جي خوشبوئن سان واسيل آھن. ھن مجموعي جون گھڻيون رچنائون آزاد آھن. ڪجھه مثال اوهان آڏو رکجن ٿا….

پاڻ ۾ پاڻ کي پائڻ جي  

ڪوشش ڪندي آھيان” 

تون نٿو ڄاڻين جون ھي سِٽون ڏسو…

تنھنجي کِل!

منھنجي مسئلن کي

بي پناھه راحت ۽ تازگي ڏئي

ھلڪو ڪري

ھوا ۾ پکيڙي ڇڏيندي آھي. 

“زندگي ھڪ سپنو” ۾ اِظھاريل….

زندگي به

شيشي جيان چڪناچوُر ٿيندي آھي

جڏھن نشو لھندو آھي

جڏھن سپنو ٽُٽندو آھي

     “فقيرياڻي” ڪوتا به ڌيان ڇڪائي ٿي. شاعرا ديوي ناگراڻيءَ جا گيت ۽ وايون پڙھندي سنڌي جي مايه ناز محبوب شاعر تاجل بيوس جا لفظ ياد ٿا پونم ، ته  ” انھن رچنائن ۾ ھارمونيم جي سرگم وارو ترنم ايڏو ته رچي راس ٿيل آھي ، جو لڳي ٿو ڄڻ سنڌو جھرڻا ۽ آبشارٺاھي، ڪئلاش تان ڊوڙي رھي آھي، ڄڻ رقص جي عالم ۾ ڇير جا ڇمڪا پيا ٿين”….

رس، رنگ ۽ روپ جي قائل جا

دل ديويءَ جي به ته گھايل آ

پئي سورن ۾ سا ڳري ڳري.

 

جيون روپي بين وڄي جا

اُن جو آھين ساز به تون ئي

 

ساز سمورو تون ئي تون آن

ساز سندو آواز به تون ئي.

 

جيون ڄڻ مھراڻ متل آ

رمز سان پار پُڄاءِ، ڳاءِ اري من ڳاءِ

گيتن جي ساگر ۾ ديوي

پنھنجو پاڻ سماءِ، ڳاءِ اري من ڳاءِ

 

     آخّر ۾ اُن ڪوتا جون ڪي سٽون پيش ڪرڻ چاھيان ٿو، جنھن لاءِ ڀيڻ ديوِيءَ ھڪ ڀيري ٻڌايو ھوم ته سندس 1994 ۾ سنڌي ڀاشا ۾ لکيل سندس ھيءَ پھرين رچنا آھي…

” سنڌ جي آنءُ ڄائي آھيان”

 

سنڌي گلشن جو گُل آھيان

جڳ اندر خوشبوُ ڦھلايان

گُڻ ڳائي تنھنجا او سنڌڙي!

ھر ڪنھن کي مان ميت بڻايان

سڏُ ڪري سنڪٽ ۾ ديوي

اُن جو سِڪ مان سڏ اونايان

سنڌ جي آنءُ ڄائي آھيان.

 

        بس مان ائين ئي چاھيندس ۽  چوندس ته ڌڻي ڪري قلم جو زور وڌيڪ پختو ٿئي!!

  دلي مبارڪون ۽ شڀ ڪامنائن سان….

 

گوورڌن شرما “گھايل”

President: Sindhi Adabi Sabha, Pune

202, Rio Grande, Fortaleza

Kalyani Nagar, Pune-411006    

Advertisements

एक उत्तर दें

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  बदले )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out /  बदले )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  बदले )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  बदले )

Connecting to %s

श्रेणी

%d bloggers like this: