Posted by: Devi Nangrani | दिसम्बर 6, 2010
ڪڏھن حاڪم ٿي- نظم
ڪڏھن حاڪم ٿي، ڪڏھن ظالم ٿي
ڪڏھن جانب ٿي ڇلُ ڪري ڪري
اھڙو ويسُ سڄڻ پيو ڌري ڌري.
ھيءُ نينھن جو ناتو نڀجي اَچي
شل قرب ڪُٺل ڪو ڀي نه بچي
اِھا آس ٿي دل ۾ تري تري.
جو منھنجي دل کي مرض لڳو
لاھي، اھڙو نه طبيب مليو
چنتا ۾ دل ٿي ڳري ڳري.
نادان ڏٺي ھيءَ دل پھنجي
مون ڪين ڏٺي اَھڙي ڪنھنجي
کِلي لُڙڪن جا ڍُڪ ڀري ڀري.
ھي ديوانن جون ڳالھيون ھِت
سمجھي ڪوئي ديوانو بس
پيو چوٽ پٿّر سان ڪري ڪري.
رسُ، رنگ ۽ روُپ جي قائل جا
دل ديويءَ جي به ته گھايل آ
پئي سورن ۾ سا ڳري ڳري.
Like this:
Be the first to like this post.
हाल ही की टिप्पणियाँ