Posted by: Devi Nangrani | दिसम्बर 24, 2007
Sindh ji Jaayi-Eshwari Jothwani
سنڌي گُلشن جو گُل…ديوي ناگراڻي

Eshwari Jothwani

شاعر سماج جي سونھن آھن، نه فقط سونھن آھن پر اسانجي گُلستان جا اُھي سُمن آھن جي پنھنجي ويچارن جي سُرھاڻ سان دل ۽ دِماغ کي راحت بخشين ٿا. ڪِن کي موگري (موتيئي) جي مھڪ مست ڪري ٿي، ڪِن کي گُلاب جي سُڱنڌ تراوت بخشي ٿي. اِھو مدار آھي پاٺڪ جي دل جي هسيت Receptivity تي.
تخليقي شاعرا جي سنيھه روپي ساگر ۾ اُمنگن جون ڇوليون لھن ۽ چڙھن پييون، پر جڏھن دل درياه ۾ اُھي ڇوليون ٻوڏ آڻين ٿيون ته اُھي اُڌما ۽ اُمنگ لفظن جي آڪار ۾ مک مان نڪرڻ لڳن ٿا، جيئن درياه جو پاڻي بند ڀڃي وھڻ شروع ڪندو آھي ۽ رچناڪار جون چست آڱريون اُنھن لفظن کي ڪويتا ۾ قلم بند ڪري ھڪ سھڻو سروپ ڏيڻ ۾ ڪامياب رھنديون آھن، ڪڏھن گيت ته ڪڏهن ڪا نظم، ته وري ڪڏھن رُبائي ۽ وائي.
ديويءَ جي سوچ جي رواني ۾ ظاھر آھي…
شاد رھين آباد رھين شل
منھنجي سُھڻي سنڌ سڀاڳي
تنھنجو دک سک پنھنجو ڀايان
سنڌ جي آنءُ ڄائي آھيان.
اڳيان اچو ته ھِن جي روحاني راحتن سان پاڻ کي واقف ڪرايون….
روح جي لاءِ نه ڪو قيد آھي
نه ڪي زنجيرون، جي ھن کي روڪين
جي ٻندن ھن کي روڪين، سي
ھِن جي پڃري جا بند ئي آھن.
ساگر جي لھرن جيئن خيالن جي اُٿل پُٿل کي قلمبند ڪندي ديوي چوي ٿي….
تيز تِکو طوفان لڳو ٿي
ويتر ساحل دور ھيو
ڪچي گھڙي به نه ساٿ ڏنس، ھي
قسمت سندو قصوُر ھيو.
رچنائن جي اٿاھه ساگر ۾غوطا کائيندو ھي من ديوِيءَ جي جذبات سان سڃاڻپ پائيندو ٿو رھي.
ھن سندر ڳٽڪي لاءِ مان کيس واڌايون ڏيان ٿي.
ايشوري جوتواڻي
پونو, 24 مارچ، 2008
Like this:
Be the first to like this post.
तव्हाँ कद्दी अरबी लिपि में लिखो तो हुनखे देवनागरी लिपि में भी रखिजो एँ पहिन्जे ब्लोग खे नालों अंग्रेजी में भी लिखो त सुठो रहन्दो. मुहिंखे तव्हान्जो ब्लोग डीसी करे खुशी थी. कोई अहिडो टूल हुजेव जहिंसा अव्हाँ अंगरेजी में लिखी करे अरबी में करे सघा त बुधायो. जद्हीं गुरमुख ऐं तमिल लिपि में लिखी सघंदों आहियाँ त अरबी लिपि में छो न?
दीपक भारतदीप
http://deepakbapu.wordpress.com
By: Deepak Bharatdeep on दिसम्बर 25, 2007
at 6:38 पूर्वाह्न