Posted by: Devi Nangrani | दिसम्बर 6, 2010

ڪڏھن حاڪم ٿي- نظم

 ڪڏھن  حاڪم ٿي، ڪڏھن ظالم ٿي

ڪڏھن  جانب ٿي ڇلُ ڪري ڪري

اھڙو ويسُ  سڄڻ  پيو  ڌري  ڌري.

 

ھيءُ نينھن جو ناتو نڀجي اَچي

شل قرب ڪُٺل ڪو ڀي نه بچي

اِھا  آس ٿي  دل  ۾  تري  تري.

 

جو منھنجي دل کي مرض لڳو

لاھي، اھڙو نه طبيب مليو

چنتا ۾ دل ٿي ڳري ڳري.

 

نادان ڏٺي ھيءَ  دل پھنجي

مون ڪين ڏٺي اَھڙي ڪنھنجي

کِلي لُڙڪن جا ڍُڪ ڀري ڀري.

 

ھي ديوانن جون ڳالھيون  ھِت

سمجھي ڪوئي  ديوانو بس

پيو چوٽ پٿّر سان ڪري ڪري.

 

رسُ، رنگ ۽ روُپ جي قائل جا

دل ديويءَ جي   به ته  گھايل  آ

پئي  سورن ۾ سا ڳري ڳري.

 

Posted by: Devi Nangrani | अक्टूबर 25, 2010

Mehar bin moomal mandi

   گيت  

 ميھر بن موُمل ماندي الا

اُن پيار ۽ سڪ جي باندي الا

 

عِشق جو اھڙو روڳ لڳو ڄڻ

ساھُ سڄڻ وٽ قرض رکيو ڄڻ

پر ڪين پليو آ ساھُ الا

ميھر بن موُمل ماندي الا

 

ويل وئي ۽ مُند به موٽي

ڪين ڏٺو منھن ، قسمت کوٽي

ته به ڪين کڄي اَرواھُ  الا

ميھر بن موُمل ماندي الا

 

ڪيڏيون ريتيون رسمون آھن

پئدن جون ڄڻ شيخون آھن

تِن جڪڙيو ڄڻ آ ساھُ الا

ميھر بن موُمل ماندي الا

 

اوسيئڙن ۾ ننڊ ڦٽي آ

جاڳي نيڻن رات ڪٽي آ

لولي ڪا ڏني آ ماءٌ  الا

ميھر بن موُمل ماندي الا

 (ديوي ناگراڻي)

Posted by: Devi Nangrani | अक्टूबर 25, 2010

SuhiniaH je seene mein

گيت  

سُھڻيءَ جي سيني ۾ سانـڍيل

ڪوئي ڪُھنو سوُر ھُيو.

 

سِمي سِمي اندر ئي اندر

سوُر بڻيو ناسوُر ھُيو.

سُھڻي ھِت ميھر لاءِ ماندي

ھُت ميھر مجبوُر ھُيو.

ڪارونڀار ڪُنن ۾ ڪڙڪا

دريا ڀي ڀرپوُر ھُيو.

تيز تِکو طوفان لڳو ٿي

ويتر ساحل دوُر ھيو.

لھرُن ۾ وئي لُڙھندي سُھڻي

ھُن جو ھڏُ ھڏُ چوُر ھُيو.

ڪچي گھڙي به نه ساٿ ڏِنُس، ھي

قسمت سندو قصوُر ھُيو.

پھُچي به ته ڪيئن ديوي، ھُت جِت

حاضر سندس حُضوُر ھُيو.

(ديوي ناگراڻي)

 

Posted by: Devi Nangrani | अक्टूबर 25, 2010

Gam Bhinal Khushi

 پنھنجي طرفان……..

احساس ئي ته آھه جو دل ۾ لھر پيدا ٿو ڪري ۽ منھنجي لاءِ ھئو سنڌي ٿِيڻ جو احساس. مان ھڪ رواجي گھرو ناري، رڌڻ پچائڻ ۽ ٻارن جي پرگھور لھڻ کان سواءِ اُھنھن کي ۽ ٻين ٻارن کي پڙھائڻ جو شوءُق رکڻ واري، سنڌي ٻوليءَ جي سوءُغات پائي احساسن جي نديءَ ۾ غوطا لڳائي ھِت پھُتي آھيان، اِن کي مان ڪنارو ته نه چوندس، پر اِھو فن اِنسان کي سھج ترڻ سيکاريو ڇڏي. سنڌي پڙھڻ ۽ وري لکڻ ته منھنجي لاءِ ڄڻ خواب ئي ھو. برک شاعر پرڀو وفا جي لفضن ۾؛

 

”پھريون اچي ٿو خواب، ڪوششون ٿيون پوءِ ڪاميان

خواب نه آ ڪڏھن خراب، خواب تون  لھُه ذري ذري.“

 

شاعري ھِڪ ڏات آ، لکڻ جو ڏانءُ شروعاتي دوءُر ۾ مون  کي مليو دادا پرڀو ”وفا “ وٽان، جن گروءَ جيان منھنجي رھبري ڪئي، سيکارڻ به ڪلا آھي ۽ ھو پاڻ اِن ڪلا جا گُڻي آھن. وڌيڪ صحبت، اِصلاح ۽ خيالن جي ڏي وٺُ مونکي حاصل ٿي شري نرمل واسديو وٽان جنھن منھنجي شعرن تي نظرشاني ڪري اُنھن ۾ نِکار پيدا ڪرڻ لاءِ وسان ڪونه گھٽايو آھي، جنھن لاءِ مان سندن ٿورائتي آھيان. شري ارجن حاسد جي به مان تھدل سان شڪر گُذار آھيان جن وقت به وقت منھنجي ھمت افزائي ڪئي آھي.

ڀيڻ سندري اُتمچنداڻي جا ناري جاتيءَ لاءِ ھِڪُ جيئرو جاڳندو ڪھاڻين جو گُٽڪو آھي، جِن منھنجي ھِمٿ افزائي ڪري سنڌي سنگيت جي سکڻ واري واٽ تي مونکي آڻي ڇڏيو، جنھنجي مان شائق آھيان.

مون اُھو لکيو جو مون ٻڌو، ڏٺو ۽ محسوس ڪيو. جو محسوس ڪندي آھيان سو لفضن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪندي آھيان.

 سخن سازي آ لفضن جو جوڙ، اڃا به اڀياس ۽ مشق جي سخت ضرورت آھي. بقول شيخ اياز جي زباني؛

 

” شاعري  ڏات  آ  اياز، مگر

ڏات ڪھڙي ھُجي نه جنھن کي ڏانءُ.“

دل جا اُڌما ڪجھه لکان ٿي ته ڪجھه خيالن ۾ ئي ڊھيو وڃن ۽ جيڪي لکان ٿي اُن تي جڏھن نرمل جھڙو اُستاد شاعر اصلاح ڪري ٿو تڏھن محسوس ڪندي آھيان ته منزل اڃا پري آھي. سندس ئي لفضن ۾؛

 

ڪير آکي غزل گوئي سرل آ، نرمل

ڪوئي گھاگھر ۾ ساگر کي سمائي ته مڃان.

سچُ چيل اھي ته غزل سولي ۾ سولي ۽ ڏکئي ۾ ڏکي صنف- سخن آھي. مون به طبح آزمائي ڪئي آھي. جھڙي آھيان تھڙي آھيان توھان جي سامھون، ھِن ”غم ڀِنل خوشيءَ “ جي روپ ۾. شعر جي شائقن کي منھنجي ھيءَ شروعاتي ڪوشش قبول ٿئي. ردعمل پائڻ لاءِ منتظر رھندس.

مان ڀيڻ شوڀا لالچندانيءَ جي شڪر گذار آھيان جنھن ھيءَ ڪتاب شايع ڪري منھنجو اُتساحه ٻيڻو ڪيو آھي. ساڳئي وقت چرتڪار ڀاءُ رام لالچنداڻيءَ جي به ٿورائتي آھيان جنھن ھن ڪتاب جي سرورق جي ڊزائن ڪندي ڪتاب جو حُسن دوبالا ڪري ڇڏيو آھي.

 ديوي ناگراڻي

2 , June 2004

 

Posted by: Devi Nangrani | अक्टूबर 25, 2010

Udur Pakhiara

Udur Pakhiara-Sindhi Bhajnawali

 

   آُڏر پکيئڙا، آُڏر پکيئڙا

آُڏر پکيئڙا، آُڏر پکيئڙا،

اُڏري وڃ  او عيشي پکيئڙا،

جِت آ تنھنجو اصلي ديش

آُڏر پکيئڙا، آُڏر پکيئڙا.

 

جنھن جيون جو جسُ ماڻين ٿو

جنھن ميوي جو رسُ ماڻين ٿو

جِن لامن تي لُڏي رھيو آن

اُت ويٺو ٿي نانگ شيش

آُڏر پکيئڙا، آُڏر پکيئڙا.

 

قوءَل ڪيئِ سڀ ھتي وِساريئ

ساعت ھڪ  نه سڄڻ کي ساريئ

ڪوُڙي چمڪ ڌمڪ تي ڀُلجي

ويھُ نه سائينءَ جو سنديش

آُڏر پکيئڙا، آُڏر پکيئڙا

 

باه حوس جي خود ئي ٻاريئ

ويڳاڻو ٿي جندڙي گھاريئ

ھا جڳ آھ مسافر خانو

جتي ڪيئ پرويش

آُڏر پکيئڙا، آُڏر پکيئڙا.

 

ڪيسين ڪندين پيو ھِت تون چيخون

وڃ ٽوڙي پڃري جون شيخون

ھُي جڳ ڀرم جو ڪاڪ محل ٿي

وطن نه سمجھي ويھُ وِديش

آُڏر پکيئڙا، آُڏر پکيئڙا.

 ديوي ناگراڻي

*

Posted by: Devi Nangrani | दिसम्बर 22, 2007

Sindhi hoon main

 

Sindh Ki main paidaaaish hoon

 

سنڌي آھيان

ٻولي منھنجي سنڌي آھي

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان

لولي ماءُ ڏِني جا مونکي

ور ور جيڪر ويٺي ڳايان

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان.

 

شاد رھين آباد رھين شل

منھنجي سُھڻي سنڌ سڀاڳي

تنھنجي دُک ۾ دُکي رھان مان

تھنجي منھنجي جندڙي ساڳي

تنھنجي سُک ۾ سُکي رھان مان

تنھنجو دُک سُک پنھنجو ڀايان

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان

 

چوان فخر سان سنڌي آھيان

سنڌي آھي منھنجي ٻولي

کڻي ھنج ۾ ماءُ ڏِني ھُئي

جنھن ٻوليءَ ۾ مِٺڙي لولي

لِکان پڙھان سنڌيءَ ۾ ئي مان

سڀ سان سنڌيءَ ۾ ڳالھايان

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان.

 

سنڌي گلشن جو گُل آھيان

ھند اندر خوشبوُ ڦھلايان

گُڻ ڳائي تنھنجا او سنڌڙي

ھر ڪنھن کي مان ميت بڻايان

سڏُ ڪري سنڪٽ ۾ ديوي

اُن جو سِڪ مان سڏ اونايان

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان.

Posted by: Devi Nangrani | दिसम्बर 24, 2007

Sindh ji Jaayi-Gowardhan Ghayal

  مھاڳ

 

 مشرق جي محبوب شاعر خليل جبران لکيو آھي ته دماغي جاکوڙ ڪندڙ شاعر جو شعر اھڙو آھي جھڙو آڱرين جا سخت ننھن، پر اُمنگ ۽ اُتساھه وارو شعر اِئين لڳندو آ جيئن روحاني چَپن جي چُمي، جا زخمي دل ۽ دماغ کي تازو ڪري ڇڏي .

     ڪنھن به سُٺي شعر ۾ ٻه شيون لازمي طرح ھئڻ گھرجن: ھڪ اھا ته ڪوتا جي ھر لفظ مان ڪويءَ جي من جي موج، اندر جي اُڇل ۽ اصليت جو اِظھار ٿيڻ گھرجي ۽ ٻيو ڪوتا پڙھندي يا ٻُڌندي، پڙھندڙ يا ٻُڌندڙ جي دل جي درياھه ۾ اُھي ساڳيون ڇوليون پيدا ٿيڻ گھرجن، جي ڪويءَ جي من ھرديه ..ساگر ۾، ڪوتا جي رچڻ وقت اُٿي رھيون ھيون. ٻي خوبي آھي ڪوتا جو ٻاھريون رنگ روپ. ڪوتا ڇند وديا يا علم عروض جي ڪسوٽيءَ تي پڻ ڪَسي ثابت نه ٿِيڻ گھرجي. 

     شعر آھي زندگيءَ جو آئينو. شاعر پنھنجي من جي مھراڻ ۾ ٽُٻيون ڏيئي، بي بھا موتي ڳولھي، تِن کي پوئي جڏھن حسين ھار جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو، تڏھن اُن کي شعر ڪوٺيو ٿو وڃي. شعرکي ٻن حصن ۾ ورھائي ٿو سگھجي. داخلي شعر ۽ خارجي شعر ((subjective  ۽  (objective) .  داخلي شاعر دل جي درياه ۾ ٽُٻيون  ڏيئي اندر جا احوال اورڻ شروع ڪري ٿو. ھو پنھنجن اُمنگن، اثرن، آزمودن ۽ شخصيت تي روشني وجھي ٿو. خارجي شاعر، دل جي دنيا بابت نه پر، خود دنيا بابت پنھنجا ويچار ورنن ڪندو آھي. ھو ڪنھن خاص چيز (شئي) مضمون يا ويچار کي نظر ۾ رکي، اُن تي روشني وجھندو آھي. جيتوڻيڪ ٻنھي حصن جي وچ  ۾ ڪا  لوھي ديوار کڙي ڪيل ڪانھي پر اِن ۾ ڪو به شڪ ناھي ته داخلي شعر جو مقام خارجي شعر جي مقام کان مٿي آھي.

      “سنڌ جي آنءُ ڄائي آھيان”  جي رچناڪار باشعور شاعرا ديوي ناگراڻيءَ کي ھڪ ڏھاڪي کان پڙھندو آيو آھيان، ڪڏھن ھندواسي ۽ رچنا ۾ ته ڪڏھن ڪونج ۽ سِپون ۾. سنڌيءَ ۾ ڇپيل سندس غزلن جا مجموعا ” غم ڀنل خوشي”  ۽   ” آس جي شمع ” ادب نوازن وٽ قبول پيا آھن. سندس هندي غزلن جا ٻه مجموعا  ”چراغ ِدل” ۽  ”دل سي دل تڪ” سندس فني خصوصيتن جا سھڻا مثال آھن. سنڌ ۽ ھند جي سنڌي غزل گو شاعرن ۾ ديويءَ قابل تعريف مقام حاصل ڪري ورتو آهي  اِن ۾ شڪ نه اٿم. ديويءَ جي غزل جي  باريڪين ۽ علم عروض جي پختگين کي ساراھيندي سدا حيات دادا دلگير، جناب ايم. ڪمل، دادا پرڀو وفا، شري واسديو نرمل ۽ دادا ارجن سڪايل به ھن جي سنگره ” غم ڀِنل خوشي”  جي مُھاڳ ۾ لکيو آھي ته “غم ڀِنل خوشي” خيالن جي اڇوتي ھئڻ ۽ ٻوليءَ جي ٻل  جو ۽ قلم جي قوت جو ضامن بڻجي اسان جي سامھون آيو آھي، تنھن جو ھڪڙو سبب سندس ڏات ۽ ڏاھپ جي سنجيدگي آھي.”

     ديوي ناگراڻيءَ جو ڀڄن سنگرھه ” اُڏر پکيئڙا” پڙھي خاطريءَ سان چئي سگھان ٿو ته ديويءَ جي شاعريءَ جو ڪئنواس وسيع آھي. لکڻ محض شوق ناھي، سندس درديلي دل ۾ جو غبار آھي اُھو غزل، نظم، وائي، گيت وغيره جا ويس پھري، ساراهه جوڳي پيشڪش جي پُراثر رنگن سان نکريل آھن.

     “سنڌ جي آنءُ ڄائي آھيان”  اُن مالا مثل آھي  جنھن ۾ ڪيترن قسمن جا گل، انيڪ رنگن سان رنڱيل ۽ طرح طرح جي خوشبوئن سان واسيل آھن. ھن مجموعي جون گھڻيون رچنائون آزاد آھن. ڪجھه مثال اوهان آڏو رکجن ٿا….

پاڻ ۾ پاڻ کي پائڻ جي  

ڪوشش ڪندي آھيان” 

تون نٿو ڄاڻين جون ھي سِٽون ڏسو…

تنھنجي کِل!

منھنجي مسئلن کي

بي پناھه راحت ۽ تازگي ڏئي

ھلڪو ڪري

ھوا ۾ پکيڙي ڇڏيندي آھي. 

“زندگي ھڪ سپنو” ۾ اِظھاريل….

زندگي به

شيشي جيان چڪناچوُر ٿيندي آھي

جڏھن نشو لھندو آھي

جڏھن سپنو ٽُٽندو آھي

     “فقيرياڻي” ڪوتا به ڌيان ڇڪائي ٿي. شاعرا ديوي ناگراڻيءَ جا گيت ۽ وايون پڙھندي سنڌي جي مايه ناز محبوب شاعر تاجل بيوس جا لفظ ياد ٿا پونم ، ته  ” انھن رچنائن ۾ ھارمونيم جي سرگم وارو ترنم ايڏو ته رچي راس ٿيل آھي ، جو لڳي ٿو ڄڻ سنڌو جھرڻا ۽ آبشارٺاھي، ڪئلاش تان ڊوڙي رھي آھي، ڄڻ رقص جي عالم ۾ ڇير جا ڇمڪا پيا ٿين”….

رس، رنگ ۽ روپ جي قائل جا

دل ديويءَ جي به ته گھايل آ

پئي سورن ۾ سا ڳري ڳري.

 

جيون روپي بين وڄي جا

اُن جو آھين ساز به تون ئي

 

ساز سمورو تون ئي تون آن

ساز سندو آواز به تون ئي.

 

جيون ڄڻ مھراڻ متل آ

رمز سان پار پُڄاءِ، ڳاءِ اري من ڳاءِ

گيتن جي ساگر ۾ ديوي

پنھنجو پاڻ سماءِ، ڳاءِ اري من ڳاءِ

 

     آخّر ۾ اُن ڪوتا جون ڪي سٽون پيش ڪرڻ چاھيان ٿو، جنھن لاءِ ڀيڻ ديوِيءَ ھڪ ڀيري ٻڌايو ھوم ته سندس 1994 ۾ سنڌي ڀاشا ۾ لکيل سندس ھيءَ پھرين رچنا آھي…

” سنڌ جي آنءُ ڄائي آھيان”

 

سنڌي گلشن جو گُل آھيان

جڳ اندر خوشبوُ ڦھلايان

گُڻ ڳائي تنھنجا او سنڌڙي!

ھر ڪنھن کي مان ميت بڻايان

سڏُ ڪري سنڪٽ ۾ ديوي

اُن جو سِڪ مان سڏ اونايان

سنڌ جي آنءُ ڄائي آھيان.

 

        بس مان ائين ئي چاھيندس ۽  چوندس ته ڌڻي ڪري قلم جو زور وڌيڪ پختو ٿئي!!

  دلي مبارڪون ۽ شڀ ڪامنائن سان….

 

گوورڌن شرما “گھايل”

President: Sindhi Adabi Sabha, Pune

202, Rio Grande, Fortaleza

Kalyani Nagar, Pune-411006    

Posted by: Devi Nangrani | दिसम्बर 14, 2009

Sindh ji Jaayi -Book Of Poetry

سنڌ جي آنءُ ڄائي آھيان

 (ڪَوِتائون)

 

ٻولي منھنجي سنڌي آھي

 سنڌ جي آنءُ ڄائي آھيان

پنهنجي پاران 

 سوچ شبدن جو جامو پائي پنھنجو پاڻ کي لفظن ۾ اسان جي روبرو ٿي آڻي،  جنھن ۾ قدرت جو ۽ اسان جي آس پاس جي زندگيءَ جو اثر رھي ٿو. پنھنجي نظرئي سان شخصي سوچ جو اظھار آھي ڪويتا. 

گل ڏئي سرھاڻ ڇو

چنڊ ڏئي چانڊاڻ ڇو

سِج جلائي پاڻ ڇو

مونکي ڪل ناھي ته ڇو؟

 دادا ھري دلگير جو ھي امر گيت سچ جي سامھون آئينو آھي.سنڌ جي سُڳنڌ ۾ ويڙھيل ھِن مٺي ٻوليءَ کي پڙھي، قلم کڻي لکڻ تي دل ٿي ڪري. جنھن سنڌ جي مان ڄائي آھيان اُنھيءَ کي ڏسڻ جي اُڪير دل ۾ اڃان باقي آھي. ساھه ۾ سا سڃاتل مھڪ پئي پاڻ کي پڌرو ڪري.  ھِڪ طرح سان  ھي ڪوتائون منھنجي خيالن جو سنگره آھن، اِئين کڻي چئجي ته منھنجي عڪس جي روُپ ۾ منھنجي ڊائري آھي.

 

ڇو ٿو ڪيرُ لکي، ڇا ٿو لکي، ڪير ٿو پڙھي؟ اِنھيءَ سوچ کان پري پنھنجي اُڌمن کي زبان ڏيڻ جي ڪوشش ۾ ليکڪ پنھنجي من جي تشنگيءَ کي ترپت ڪندو آھي. لکڻ ساڌنا جو ھڪ ساڌن آھي ۽ پنھنجي سُڃاڻپ پائڻ جو ھڪ وسيلو!!

منھنجي جيون روپي گُل ۾

ھن ھڪ ساھَ روپي پن ۾

 سمايل آھي پيار منھنجو

خدا جي نعمت آھي

اُھوئي پيار خدا آھي!

خود کي خود سان جوڙڻ پنھنجي ھن دنيا جي ويجھڙائيءَ کان پري…..

منھنجو ويڳاڻو من

منھنجي پِرينءَ  جي آراڌنا ۾

پنھنجي سُڃاڻپ ڳولھڻ چاھي.

 صبح شام، ھڪ تڙپ ۾ ڪنھن اڻڄاڻ اُپاسنا ۾ لين ٿي وڃڻ ۾، ڪنھن اھڙي سانت واتاورڻ جي ڳولھا ۾ پئي ڀٽڪي جنھنجو سھارو وٺي قلم به لکي ٿو…..

ڳاءِ اَري من ڳاء، ڳاءِ اَري من ڳاء

پوئي سُر سازن جا موتي

ھارُ گلي ۾ پاءِ، . ڳاءِ اَري من ڳاءِ

 زندگي ھڪ اڻ ٻُڌل گيت سڻائي ٿي ۽ ور ور ڳائي ٿي، بس اِھا پياس ئي تڙپ بڻجي زندگيءَ جي چپن تي نِت نئين سازتي ھڪ پرارٿنا بڻجي پاڻ کي پڌروڪري ٿي….  

تنھنجي رحمت رحيم راس پوي

ماڳ تي پاڪ دل رسائي سگھان.

بازيگر جي ھٿن جا کيڏاوڻا ، سوچ جي تانن ٻانن سان لفظن کي اُڻندي ڪا رچنا ٺھي پوي ته اُھا پئي وڻندي آھي ڇاڪاڻ جو پنھجي آھي……..

 پنھنجي وجود جي اندر جي سرشٽي جي اٿاھه ساگر جي گھراين مان غوطو لڳائي ڪُجھه انمول ڪڻيون  لڀي ٿا اچون.

توھان جي سامھون منھنجي من جا اڻميا ويچار پنھنجي ماٺيڻي ٻوليءَ ۾ ڪجھه چئي رھيا آھن…

ديوي ناگراڻي

Posted by: Devi Nangrani | जुलाई 2, 2011

Gam Khushi_Arjan Sikayal

 مھاڳ جھڙو ئي ڪجھ

”وڏو ماڻھون ٿِيڻ کان

چڱو ماڻھو ٿيڻ بھتر “

Arjan Sikayal

                                      

Gam Bhinal Khushi

    ڊاڪٽر ارجن سڪايل

وڪارن تي فتح پائڻ لاءءِ جدوجھد ڪرڻ، تحقيق، منش جاتيءَ جو مقصد ھئڻ گھرجي. اِھوئي مشالي جيون جو اعلي مقصد آھي. ھونئن به، موڪش لاءِ سڀني ڌرمن ۽ مذھبن جو پيغام ھڪڙو ئي آھي ۽ ساڳيو ئي آھي ته وڪارن کان پاسو ڪريو ۽ وڪارن تي فتع پايو. من وچن ڪرم سان ڪام، لوڀ، موھه ۽ اھنڪار تي سوڀ حاصل ڪريو، نه ته به اُنھن تي ظابطو رکڻ لاءِ ڪوشش جاري رکو.

          ديوي ناگراڻي پنھنجي ھن ڪاويه رچنا ۾ ھي ھيٺيون شعر لکي منھنجي روح کي راحت پھچائي آھي.

من وچن  ڪرم  سان  نڀايو  آ،

دل ته ديويءَ جي شرمسار نه آ. 27

منھنجي پنھنجي مڃتا آھي ته ڪا به للت ڪلا، قلمقاري، چترڪاري، سنگتراشي وغيره فقط وندر ورونھن ۽ وڏائي حاصل ڪرڻ لاءِ نه آھي. وڏو ماڻھو ٿيڻ لاءِ گھڻيئي ٻيا وسيلا ۽ وجھه آھن، پر چڳو ماڻڳو ٿيڻ لاءِ للت ڪلا جڳ پيچرو وٺي ھلڻ جي چونڊ ڪرڻ ئي پڪ ئي پڪ (شايد نه) بي جوکو ۽ خاطريءَ جھڙو عمل چئي سگھجي ٿو. قليچ بيگ سچ چيو آھي؛

”دنيا ۾ دل جو مطلب پورو ٿيو ته ڇا ٿيو

عالم جي ٿيو نه عامل، دفتر لکيو ته ڇا ٿيو.“

سوامي ٻوڌراج به ساڳي ڳالھه ڪئي ؛

علم کان وڏو پڙھه رسالو عمل جو“

ديوي ناگراڻيءَ جو ھي ڪتاب نظر مان ڪـڍڻ بعد چئي سگھان ٿو ته ھيءَ شاعرا لکي ٿي ته مقصد ۽ منزل جي چونڊ ڪرڻ بعد لکي ٿي. اِھا به منھنجي مڃتا آھي ته لکڻ لاءِ ڪو نه ڪو پيغام جيءَ ۾ جايون جوڙي ٿو. اِھو پيغام پنھنجي من لاءَ چھبوڪ بڻجي اچي يا ساري سنسار لاءِ ڪو نياپو بڻجي پوي ٿو، يا نقشو ڪڍي واٽ  ڏيکاري ٿو. اچو ته ديوي ناگراڻيءَ ڪي ٻُڌون؛

وڏيِ ھِڪ خوشيءَ لاءِ نادان بڻجي

25. ننڍي ڪنھن خوشيءَ کان نه منھڙو مٽائج

ٻچن ٻارن ۽ محبوب مائٽن کي ڇڏي اُھسڻ لاءِ يتن ڪندي ديس کان پري پرديس وسائي، اِنسان ڪنھن وڏي خوشيءَ لاءِ ننڍريون خوشيون قربان ڪرڻ لاءِ تيارآھن، ڇا لاءِ جو اُنھيءَ وٽ پوري تڪ تور ئي ڪانھي ته سچ پچ املھه خوشي ڪھڙي آھي. اِن طرح ديوي ناگراڻيءَ جي شاعري سڦلتا جون چاڙھيون چڙھندي پاٺڪ کي به اوچيءَ منزل جو پانڌيئڙو بڻائيندي ٿي  وڃي. اِن مان لڳي ٿو ته ھيءَ ڀينڙي فقط شاعرا نه آھي پر جيون جي فيلسوفيءَ جون ڳنڍيون کوليندي، ملھن ۽ قدرن جو پرساد ورھائيندي اسان جي لاءِ رھبر بڻجي آئي آھي. دادا دکايل لکيو ھو؛

رام رنگ سان رنگ جوڳي

ڇا ھي ويس رڱائڻ ۾.

شاعراڻو چولو پائي، چند سُھڻيون سٽون لِکڻ سان به قدر ٿيندو آھي پر امر ڪردار ته اھو بڻجندو آھي جيڪو شاه لطيف وانگر اسان کي واٽون ڏيکاري ويندو آھي؛

” تتيءَ ٿڌيءَ ڪالھه ڪانھي ويل وھڻ جي.“

اچو ته وري ھن ڪتاب جا ورق ورايون. ديوي لکي ٿي ؛

ھيِ جيون سُکن ۽  دُکن جو آ سنگم

خوشيءَ ساڻ ڏِسُ تون ٻنھي سان نڀائي42٠

۽ وري ھڪ سھڻي طنز ۾ ٻاون ٻانڀڻن ۽ اجاين ڏٽن ۽ آسرن تي چوٽ ڪندي چوي ٿي؛

وِڪارن ۾ ميرو سدا من تڏھن ڀي

وڃي پاپ گنگا ۾ ٻوڙي اچي ٿو. 78

شاعرا کي پڪ آھي ته اشُڌ آتما جو تڏھن ٿو احساس ٿئي جڏھن پنھجو پاڻ کي پنھنجن نظرن ۾ ڪريل ٿو ڏسجي.

ڪِريو آھ پنھنجي نظر م ھوُ ايڏو

نه ڪنھنجي نظر سان نظر ٿو ملائي. 16

ديويءَ شعر لکڻ جو ھڪڙو وڏو سبب پڻ ڳولھي لڌو آھي.

 

غم جو بارُ وڌي ويو وِت کان

شحر لِکڻ سان ٿي ھلڪي دل. 60

اِھو سبب ڀلي سڀني سان لاڳو نه ٿئي يا ڪن کي اوءُکو به لڳي پر ڪن کي تن اِھو دل سان پڻ لڳندو. ھن جي شعر ۾ عياشي احساسن ءَ شرابي جذبن جون ڳالھيون تمام جذوي نظر ٿيون اچن، ڇو جو اھو شوق ڏاڏن ۽ نانن اڃا تائين نه ڇڏيو آھي، پر ڏاڏيون ۽ نانيون اھا واٽ وٺڻ ۾ اڃا تائين  محجوب رھنديون ٿيون اچن، نيٺ ته عورت ۽ حيا جو ناتو چولي دامن جو ناتو آھي.

ديويءَ جو ھي ڪاويه سنگره خيالن جي اڇوتي ھئڻ ۽ ٻوليءَ جي ٻل جو ۽ قلم جي قوت جو ضامن بڻجي اسان جي سامھون آيو آھي. تنھن جو ھڪڙو سبب ڏات ۽ ڏاھپ جي سنجيدگي آھي ته ٻيو وڏو سبب ھڪ قابل قلمڪار ۽ وڏي درجي واري شاعر واسديو نرمل جي رھبري پڻ ظاھر پيئي پسجي جو ھن صاحب ھن ڪتاب تي بخوبي نظرشاني ڪئي آھي.

 

آخر ۾، ھن جي ازلي سچائيءَ جي اظھار جو نمونو پيش ڪريان ۽ پوءِ پنھنجي بيان سان ھن مھاڳ جو ڀوڳ پايان. ديوي لکي ٿي؛

 

بھانن سان ديويءَ کي ٽاري ٿو سگھجي

مگر مؤت کي ڪين ٽاري سگھان ٿي. 13

مونکي به چوڻو پيو آھي؛

” بھانن سان ديويءَ کي ٽاري سگھان ھا

مگر حڪم ھن جو  اکين تي رکيو مون.“

 

                                                ارجن سڪايل                

                                      ( 5 جون 2004)

 

Posted by: Devi Nangrani | जनवरी 21, 2011

Dargah of Khwaja Garib Nawaaz

 عجيب و غريب عجوُبي ( خوش_اُ_قرامات)

Dargah of Khwaja Garib Nawaaz
 خواجا  غريب نواز جي درڳاهه تي اِنسان جو وِشواس ويندو آهي، شرير ھڪُ ماڌيم بڻجي پوندو آھي. تھهِ دِل سان گُناهن جي معافي، يا ته ڀُليل ڀِٽڪيل سڪوُن جي اُميد ۾ اُتي ويندا آھن. مُريد گھُرڻ يا وري پوري ٿِيل مراد جي شُڪر اَدائگيءَ لاءِ ويندا آھن. ڪڏھن ٻار جي وزن جيترو ڳُڙ، چانور، کنڊ يا چاندي مراد پوري ٿِين جي عيوض ڏيندا آھن. مُرادون جو شُمار وڏو ھوندو آھي، ٻار جي تمنا، ڪو وِڇڙيل ملي يا، ڪاميابيءَ جي طلب. گھڻائي قسا ھِن سچ جا ساکي آھن.
 
1)                                   اقبل مصول ھِڪُ معياري شّخصيت جو چوڻ آھي” مان 1966_1972 ۾ يمن (Yemen )  ھُيس جتي لڙائي ۽ بمن جي نه ختم ٿِيڻ جو سلسلو چالوُ ھُيو. Yemen کي ڇڏڻ نامُمڪن پئي نظر آيو، سو مون پرارٿنا ڪئي ” اي اجمير جا پير بابا، مونکي ھِتان ڪڍُ ته ٻئي سال مان تنھنجي در تي مٿو ٽيڪيان.“ اڳيان ھُن لکيو آھي ته ”ٻئي ڏينھن رشيا جو ھڪُ ھوائي جھاز UN جي بارڊر تي آيو ۽ اسان کي Cairo کان ٻاھر ڪڍي آيو“ جڏھن مان ھندُستان واپس آيس، ته مون اَجمير ۾ بابا جي مزار تي وڃي پنھنجو شڪر اَدا ڪيو.
2)                                    
جعفر اِمام ھِڪ ٻيو مُريد ھو جنھن کي پنجن سالن کان چھري تي چمڙيءَ( Leucoderma) جي تڪليف ھُئي، جن تي دوائُن جو ڪو اثر نه ٿيو. درگاهه تي چادر چاڙھيندي پرارٿنا ڪيائين ۽ ڪجھ وقت ۾ ھُن جي تڪليف گھٽ ٿيندي ٿيندي دوُر ٿي وئي.
3 ) ھِڪ ڪرشمو ھن صاحبن جي چاڍي جي ڌيءَ شرناز سان لاڳو آھي. جڏھن شرناز پنجن سالن جي ھُئي ته اوچتو ھُن جي ٻنھي اکين جي نظر ويندي رھي، جنھن ۾ اکين جا ڊاڪٽر به ھُن جي مدد نه ڪري سگھيا. شرناز، ٻار ھوندي به پنھنجي مائٽن کي نيزاري ڪئي ته ھُن کي اجمير جي درڳاھه تي وٺي ھلن. اُتي من جي مُراد پوري ٿِيڻ جي پرارٿنا ڪندي سرناز اوچتو پنھنجيءَ ماءُ کي چيو ” امان اڄ تو پيلي رنگ جي ساڙھي پاتي آھي“ بي اثر پرارٿنا نه ٿي سگھي ۽ رحمتن سان ھُن جي نظر وري موٽي آئي.
4) اِنھيءَ طرح غريب نواز جا گھڻائي ڪرشما اُنھن جي زندگيءَ جي دءُر ۾ ٿي گُزريا. ھِڪ بي گُناھه ماڻھو ڦاسيءَ تي چاڙھيو ويو، اُنھيءَ گُناھه لءِ جو ھُن ڪيو ئي نه ھو. سندس ماءُ وڃي خواجا جي سامھون پنھنجو رودن رُنو ۽ اِنصاف جي لآءِ جھولي ڦھلائي. خواجا ڳالھ تي وِشواس ڪيو ۽ پنھنجي ماڻھن کي وٺي پنڌ ڪرڻ شروع  ڪيائين. ماڻھن جو ميڙ اُڪير مان اُنھن جي پُٺيان ھليو. آخر جڏھن خواجا Khwaaza Moinuddin لاش وٽ پھتو، ته پنھنجي نظر اُنتي ڌري چوڻ لڳو ته ”اي پراڻي تنھنجو موت اگر الاھ جي حڪُم کان سواءِ ٿيو آھي ته تون ھاڻ پراڻ ۾ ايندين.“ جيئن ئي اِئين چيائون مردو چُرپُر ڪري اُٿيو ۽ سجيو ٿي پيو. اِئين لڳو ڄڻ  ھوُ ڪنھن جي حڪُم لاءِ بيٺو ھو. پوءِ ھُن خواجا جا چرڻ ڇُئي آسيرواد ورتو ۽ ماءُ سان گڏجي گھر روانو ٿيو.
 
5) ھِڪ ڏينھن Khwaja Garib Nawaaz  ويٺو ھو ته ھِڪُ قاتل، جنھن کي خواجا کي مارن لاءِ پئسا ڏنا ويا ھُيا، درگاھه ۾ آيو ۽ اَچي مٿو ٽيڪي سادن پيرن واري زمين کي چُميو. اڳيان وِھندي چيائين” حضرت منھنجي گھڻين وقت کان مُراد ھُئي ته مان توھان سان ملان ۽ چاڪري ڪريان. الاھه جي رحمت جو ھيءُ موعقو مونکي بخشيو آھي.“
خواجا ھُن ڏي نھاري مُرڪيو ۽ چيائين ” اڳيان اچُ ۽ اُھو ڪر جو تون ڪرڻ آيو آھين.“
”حضرت مونکي حُڪم ھو توھاکي مارڻ جو، پر منھنجو اِ رادو اِھو نه ھو“ اِئين چئي ھُن پنھنجا ھٿيار سادن پيرن وت رکي زار زار پڇياوي ۾ ڳوڙھا ڳاريا. خواجا معين الدين  جواب ڏِنو” پيارا جيڪي مونکي دک يا نقصان پھُچائيندا آھن تِن جو به مان ڀلو ڪندو آھيان، تو ته منھنجو نقصان ڀي نه ڪيو آھي.“ اِئين چئي سِڪ سان پرارٿنا ڇئي ھُن کي پنھنجو مُريد بڻايو.
5) Khwaaza Moinuddin سماڌيءَ ۾ پنھنجي پيارن سان ويٺا ھُيا ته ھِڪڙو Shams-Ud-din شمس الدين نالي ھِڪُ گھبرو جوان ھٿ ۾ تير ڪمان کڻي اُنھن جي سامھون لنگھي ويو. خواجا جي نظر ھُن تي پئي ۽ چيائون ” دوستو ھي جوان دِليءَ جو بادشاھه ٺھندو ۽ تيسين ھن دنيا مان ڪوُچ نه ڪندو جيسين دليءَ جو سُلطان نه بڻيو آھي.“ اِھو پوءِ ظاھر ٿيو ته اُھو نوءُجوان Shams-Ud-din Al Tamish جي نالي سان دِليءَ جو مشھوُر سُلطان ٿيو.
( انوواد)  ديوي ناگراڻي
 
Posted by: Devi Nangrani | फ़रवरी 18, 2010

Sindh ji Jayi-Ghous Pirzado

 سنڌ جا ساهه کڻندڙ شاعره ديوي ناگراڻ   :غوث پيرزادو

  

کنوڻ ته سدائين کنوندي آهي. پنهنجي تجلن سان ڌرتي کي رنگ ارپيندي آهي. پر ان ڏينهن کنوندڙ کنوڻ عام جهڙي نه هئي. ان ڏينهن هن جو موڊ خطرناڪ هو. اوچتو ڌماڪي سان ڌرتيءَ تي ڪري پئي هئي ۽ ڌرتي کي ٻه اڌ ڪري وڌو هئائين. هڪ پل جي اندر ڌرتي جي وچ ۾ڏار پئجي ويو هو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي آسمان جيڏي ديوار به کڄي وئي هئي.گل هڪ طرف سڏڪندي رهجي ويا هئا ته وري ٻئي طرف مالي دليون هٿن ۾ جهلي ڦٿڪي رهيا هئا.جسمن جا اڌ هڪ پاسي ته وري اڌ ٻئي پاسي بولاٽيون کائي رهيا هئا.اکيون ديوار جي هن پاسي ٿي ويون هيون ته انتظار ٻئي پاسي پنڊ پهڻ ٿي ويا هئا. تصوف جي رنگ ۾ رتل ڌرتي تي وڏو درد سرجي پيو هو. سور جي اکٽ سفر جي شروعات ٿي چڪي هئي.

          وڄ جي ڪرڻ سان پيدا ٿيل تباهيءَ جي عڪاسي آسانيءَ سان ڪرڻ لاءِ دادا هري موٽواڻيءَ جي ٻاجهاري چهري تي ٽاڪيل اکڙين جي اداس ويرانيءَ کي محسوس ڪرڻ ضروري ٿي پوندو هو. لڇمڻ ڪومل جي موڪري چهري جي ڪنڊ ڪنڊ تان اها ويراني ليئاڪا پائيندي نظر اچي ٿي. ۽ وري جڏهن هند ۽ سنڌ جي معتبر شاعره ديوي ناگراڻيءَ جي ڇپيل شاعريءَ جي مجموعي ”سنڌ جي آءٌ ڄائي آهيان“ کي پڙهجي ٿو ته ان ۾ موجود ورهاڱي جي درد کي چڱيءَ ريت پروڙي سگهجي ٿو. اها ساٺيڪو سال اڳ ڪريل وڄ جي تباهيءَ واري پيڙا سرير کي ڌوڏيندي محسوس ٿئي ٿي. زخم تازو ٿي وڃي ٿو. ڏک سائو ٿي وڃي ٿو.

          ديوي ناگراڻي پل به پنهنجي ديس کي نه وساري سگهي آهي. ديوار جي هن پاسي سندس ڀريل سڏڪا هوائون اسان ڏي کڻي آيون آهن. هڪ هڪ سٽ هنئين کي جهيري وڌو آهي.

          ” ڪو ته هوندو

          منهنجي ويران راهن ۾

          نيڻن جا ڏيئا ٻاري،

          منهنجي اچڻ جي واٽ نهاريندو هوندو“

مٿيون احساس نج داخلي آهي. محبوب جي بي رخي بيان ٿيل آهي. ان مطلوب جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن طالب جي چاهه جي اٿاهه گهرائيِءَ کي نه سڃاتو آهي. جنهن ڪڏهن به پنهنجي عاشق جي عشق جي انتها کي نه سمجهيو آهي. تڏهن ئي عاشق جي پيڙا اٿاهه سمنڊ بڻجي وئي آهي پر هن انتظار جي ڪيفيت کي بيان ڪيو آهي. هن بيان ڪيل انتظار جي ڪيفيت جو مني صدي اڳ ڪريل وڄ سان هڪ گهرو تعلق ضرور آهي. هن نظم ۾ شاعره جيڪو درد اظهاريو آهي تنهن درد جو محور اهو تاريخي قصو ضرور آهي جنهن قصي هڪ وڏي اداسيءَ کي جنم ڏنو هو.

          ”ڪو ته هوندو

          جهرمر تارن جي روشنيءَ ۾

          رات ڀر جاڳي جاڳي

          مونکي تڪيندو هوندو“(د _ن)

          شاعره جو هي سمورو نظم هڪ معصوميت کڻي اسان تائين پهتو آهي. هن نظم ۾ ان وارتا کي بيان ڪيو ويو آهي جنهن وارتا ۾ انسان زندهه هوندي به زندهه نه هوندو آهي. جسم هوندي به لولو لنگڙو هوندو آهي ۽ روح هوندي به کوکلو هوندو آهي.هن شاعره جي امرتا ئي ان ۾ آهي، جو هوءَ پنهنجي سادي اظهار سان انسان جي نفيس احساسن کي ڇيڙڻ ۾ ڪامياب وئي آهي.پنهنجي شاعريءَ ۾ شاعره ان انسان کي جاڳائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو اڄ جي دور ۾ روبوٽ بڻجي ويو آهي، جنهن جي احساسن  ۽ جذبن کي وڏين وڏين شهري عمارتن، گاڏين جي شور ۽ فيڪٽرين جي دونهين ماري چيڀاٽي ڪاراڻ مائل ڪري ڇڏيو آهي. اڄ جي انسان وٽ تارن جي جهرمر ۾ محبوب جي ڳولا جي لاءِ وقت ناهي رهيو. جنهن وٽ وقت ئي ناهي جو هو اسر جي اداسيءَ ۾ ڪنهن جي جاڳڻ جي انتظار ۾ اکيون وڇايو ويٺو هجي.

          شاعره ديوي ناگراڻي هن نفسا نفسيءَ جي عالم ۾ انسان جي ڀڄندڙ ڀرندڙ احساسن کي سميٽڻ جي ڪوشش ۾ ڪٿي پاڻ به وڃائجي هلي وئي آهي. پاڻ کي ڳولي رهي آهي ۽ ان ڳولا دوران هن هيءَ شاعريءَ جو مجموعو اسان جي سامهون آندو آهي.

          طوفان ايندا آهن ته هو رڳو گهر نه ڊاهيندا آهن. هو رڳو ماڻهن کي قتل نه ڪندا آهن پر طوفانن ۾ ته تهذيبون، ثقافتون ۽ نظريا به ڌنڌلائجي ويندا آهن پر هن سنڌ جي ڄائيءَ سنڌ جو اصلوڪو مسلڪ يعني تصوف، پنهنجي رئي جي پلاند ۾ سڪ ڳنڍڙي ڏئي ٻڌي رکيو آهي.ديوي ناگراڻيءَ جي رڳو ڪتاب جي ٽائيٽل ۾ سنڌ موجود ناهي پر هن ته پنهنجي هر ساهه ۾ سنڌ ٽاڪي رکي آهي. هر ساهه سنڌ جو کنيو آهي. ايڏو ڊگهو سفر هوءَ پنهنجي سموري جيون ۾ ڪندي رهي آهي، سچ ته رئاري ٿو وجهي. ڊگها سفر ته ماڻهو کي کائي ڇڏيندا آهن. پورو ڪري ڇڏيندا آهن. سينو سڄي ويندو آهي. سور سڳڙي جيان ڳچيءَ جو هار ٿي پوندو آهي. لکين پراون ماڻهن جي وچ ۾ ميلي ۾ وڃايل ٻارڙي جيان ٿي پوندو آهي.

          ”ويران دل جي ٻاهران

          گلدان رکيل هڪ روز ڏسان ٿي

          رکڻ وارو چهرو اڻ سڃاتل

          ڪين ان کي مان پسان پر

          واقف منهنجو ضمير

          بس ياد آهي هڪ نشان“

نقاد کي حق نه ٿو پهچي ته هو ڪنهن تخليقڪار جي تخليق کي سوڙهي ۽ ڪنهن محدود دائري ۾ بند ڪري ڇڏي. سو اسان کي به حق نه ٿو پهچي ته ديويءَ جي شاعريءَ کي سنڌو درياءُ، موهن جو دڙو يا ساڌ ٻيلو قرار ڏئي ڇڏيون پر هن جو داخلي احساس ايڏو ته وسيع ۽ شديد آهي ، هن جي پيڙا ۾ ايڏي ته گهرائي آهي، جو اها خارجيت بڻجي پئي آهي ۽ اها سڀني جي سور سان سلهاڙجي پئي آهي. پر هن ۾ تصوف به جيئن جو تيئن ڀريل نظر اچي رهيو آهي. تصوف جي سرزمين جي شاعره پنهنجي اظهار ۾ثابت ڪيو آهي ته هوءَ اصلوڪي سنڌياڻي آهي، صوفي ۽ ڌرتي سان محبت ڪندڙ ڇوڪري آهي ۽ اهو ئي ان جي شاعريءَ جو ڪمال به آهي. سندس شاعري پنهنجي ڌرتيءَ سان ڀٽائي جي سٽ ”جيئن مينهن ڪنڍڙيءَ پور، تيئن دل وراڪو دوست سين“ جيان سلهاڙيل آهي.

          ڪير آهي؟ جيڪو هن جي شاعريءَ جي بند دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪري رهيو آهي ۽ هوءَ چپ ڀڪوڙي خاموش رهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ته جيئن ڪنهن کي ڀڻڪ نه پئي ته هوءَ اندر رهندي آهي. اهو ئي سچ آهي، جنهن سان اسان سڀ مکا ميل ٿي رهيا هوندا آهيون. اسان پنهنجو پاڻ کي ڳوليندا رهندا آهيون ۽ پاڻ کان ئي لڪي رهيا هوندا آهيون ۽ پاڻ کي به پنهنجي اندر داخل ٿيڻ نه ڏيندا آهيون. انسان جي ڪهاڻيءَ ۾ ڪيڏي نه تلخي آهي، جو هن جڏهن به پاڻ کي ڳولهڻ چاهيو تڏهن هو پاڻ کان پري ئي ٿيندو ويو. انسان سدائين اها ئي زندگي گذاري جيڪا ٻين طرفان مٿس مڙهي وئي ۽ انسان ويچارو ڪڏهن به پاڻ کي ڳولهي نه سگهيو. ديوي ناگراڻيءَ شاعريءَ جي اندر جيڪو انسان جي اڪيلائي جو فلسفو سمايل آهي، تنهن کي ماڻهو جلديءَ ۾ پڪڙ ۾ آڻي نه ٿو سگهي. تڏهن ئي ته هن کي نهايت سڪون سان پڙهڻ ۽ پرجهڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. ديوي ناگراڻي عام شاعره ناهي، جيڪا ٻن عقل ۽ فهم کان خالي جملن ۾ ماڻهوءَ کي سستي تفريح مهيا ڪري، جنهن جو اثر ان پل ۾ ئي هجي، جنهن پل رڳو انهن ٻن سٽن کي پڙهجي.

          ديوي ناگراڻي ٻيلن، دريائن ، ساوڪن ۽ سرنهن جي ڦولارن واري خطي جي اها شاعره آهي، جنهن خطي جي ذهانت جي شاهدي پنج هزار سالن واري موهن جي دڙي جي تهذيب ڏئي رهي آهي.

          عشق انسان جو بنياد آهي. عشق کان سواءِ انسان ڪنڀر جي آويءَ مان نڪتل ان ڀيلي ٿانو جهڙو آهي جنهن ۾ ڪنهن سبب جي ڪري پچڻ واري مرحلي جي دوران ڏار يا ڪو ٻيو نقص پئجي ويو هجي ۽ ڪنهن جي به استعمال جوڳو نه رهيو هجي.

          ”پرين نه اکڙين ۾، هنيئون نه حاضر جن،

          سي هونئين جاڙ جيئن ٺلها ٺاٺا سکڻا“

پر هاڻي عشق جون معنائون بدلجي ويون آهن. عشق جو محور جسم جي ڍير تائين محدود رهجي ويو آهي. پر هن شاعره عشق جي اصلي نشانين کي به واضح ڪيو آهي:

          ”تنهنجي کل

          منهنجي مسئلن کي

          بي پناهه راحت ۽ تازگي ڏئي

          هلڪو ڪري

          هوا ۾ پکيڙي ڇڏيندي آهي“

جڏهن عشق جو محور محبوب جي کل هجي، اتي عشق واقعي به جيئري جاڳندي حقيقت بڻجي پوندو آهي. محبوب کي کلندي ڏسي ۽ ان سهڻن ڏندن ۽ چپن جي ڪنڊن کي تحرڪ ۾ ڏسي دنيا جا غم وسري وڃن ته اهڙي مرحلي ۾ عشق آسمان تي پهچي ويندو آهي. جسم جي بک مٽائڻ به فطري آهي پر عشق جي حاصلات به هڪ حقيقت آهي. عشق ڪنهن جي حصي ۾ ٿو اچي، ڪنهن جي دام ۾ ٿو ڦاسي سا هڪ الڳ ڳالهه آهي پر شاعره ديوي ناگراڻيءَ پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي:

          ”تنهنجا لفظ

          ڇا ملهه ڪٿيان مان تن جو

          جڏهن تون ڪجهه چوندو آهين

          مهنجي دل جو درد گهٽجي

 ڳري برف جيان پنهنجي پاڻيءَ ۾

هلڪو ٿي پيو ترندو آهي

تون نه ٿو ڄاڻين“

تون نه ٿو ڄاڻين نظم ديوي ناگراڻيءَ جو پڻ دل ۾ سانڍي رکڻ جهڙو نظم آهي. شاعره ديوي ناگراڻي، شاعريءَ جي سمورين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ سڀني صنفن ۾ هن پنهنجي داخلي احساسن کي دٻجڻ نه ڏنو آهي. هن بحر ۽ وزن ۽ جماليت جي چڪر ۾ ڦاسي پنهنجي حقيقي احساسن ۽ جذبن کي کي قربان نه ڪيو آهي. اها هڪ تخليقڪار جي فتح آهي ته هو جيڪو چوڻ چاهي اهو چئي وڃي! ۽ ديوي ناگراڻي سڀ ڪجهه چئي وڃڻ ۾ ڪامياب وئي آهي.

         

 

         

Posted by: Devi Nangrani | फ़रवरी 18, 2010

From the Author-Devi Nangrani

پنهنجي پاران

سوچ شبدن جو جامو پائي پنھنجو پاڻ کي لفظن ۾ اسان جي روبرو ٿي آڻي،  جنھن ۾ قدرت جو ۽ اسان جي آس پاس جي زندگيءَ جو اثر رھي ٿو. پنھنجي نظرئي سان شخصي سوچ جو اظھار آھي ڪويتا. 

گل ڏئي سرھاڻ ڇو

چنڊ ڏئي چانڊاڻ ڇو

سِج جلائي پاڻ ڇو

مونکي ڪل ناھي ته ڇو؟

 

دادا ھري دلگير جو ھي امر گيت سچ جي سامھون آئينو آھي.سنڌ جي سُڳنڌ ۾ ويڙھيل ھِن مٺي ٻوليءَ کي پڙھي، قلم کڻي لکڻ تي دل ٿي ڪري. جنھن سنڌ جي مان ڄائي آھيان اُنھيءَ کي ڏسڻ جي اُڪير دل ۾ اڃان باقي آھي. ساھه ۾ سا سڃاتل مھڪ پئي پاڻ کي پڌرو ڪري.  ھِڪ طرح سان  ھي ڪوتائون منھنجي خيالن جو سنگره آھن، اِئين کڻي چئجي ته منھنجي عڪس جي روُپ ۾ منھنجي ڊائري آھي.

 

ڇو ٿو ڪيرُ لکي، ڇا ٿو لکي، ڪير ٿو پڙھي؟ اِنھيءَ سوچ کان پري پنھنجي اُڌمن کي زبان ڏيڻ جي ڪوشش ۾ ليکڪ پنھنجي من جي تشنگيءَ کي ترپت ڪندو آھي. لکڻ ساڌنا جو ھڪ ساڌن آھي ۽ پنھنجي سُڃاڻپ پائڻ جو ھڪ وسيلو!!

منھنجي جيون روپي گُل ۾

ھن ھڪ ساھَ روپي پن ۾

 سمايل آھي پيار منھنجو

خدا جي نعمت آھي

اُھوئي پيار خدا آھي!

خود کي خود سان جوڙڻ پنھنجي ھن دنيا جي ويجھڙائيءَ کان پري…..

منھنجو ويڳاڻو من

منھنجي پِرينءَ  جي آراڌنا ۾

پنھنجي سُڃاڻپ ڳولھڻ چاھي.

 

صبح شام، ھڪ تڙپ ۾ ڪنھن اڻڄاڻ اُپاسنا ۾ لين ٿي وڃڻ ۾، ڪنھن اھڙي سانت واتاورڻ جي ڳولھا ۾ پئي ڀٽڪي جنھنجو سھارو وٺي قلم به لکي ٿو…..

ڳاءِ اَري من ڳاء، ڳاءِ اَري من ڳاء

پوئي سُر سازن جا موتي

ھارُ گلي ۾ پاءِ، . ڳاءِ اَري من ڳاءِ

 

زندگي ھڪ اڻ ٻُڌل گيت سڻائي ٿي ۽ ور ور ڳائي ٿي، بس اِھا پياس ئي تڙپ بڻجي زندگيءَ جي چپن تي نِت نئين سازتي ھڪ پرارٿنا بڻجي پاڻ کي پڌروڪري ٿي….

تنھنجي رحمت رحيم راس پوي

ماڳ تي پاڪ دل رسائي سگھان.

بازيگر جي ھٿن جا کيڏاوڻا ، سوچ جي تانن ٻانن سان لفظن کي اُڻندي ڪا رچنا ٺھي پوي ته اُھا پئي وڻندي آھي ڇاڪاڻ جو پنھجي آھي……..

 

پنھنجي وجود جي اندر جي سرشٽي جي اٿاھه ساگر جي گھراين مان غوطو لڳائي ڪُجھه انمول ڪڻيون  لڀي ٿا اچون.

توھان جي سامھون منھنجي من جا اڻميا ويچار پنھنجي ماٺيڻي ٻوليءَ ۾ ڪجھه چئي رھيا آھن…

 

ديوي ناگراڻي

Devi B. Nangrani

9-D Corner view Society

15/33 Road, Bandra Mumbai. 400050

dnangrani@gmail.com

Posted by: Devi Nangrani | फ़रवरी 16, 2010

Sindh ji Jaayi_Views-Naseer Somro

ديوي .. سنڌ ڄائي

شاعري جو وکر پئي پراڻو نٿو ٿئي. جڳن کان دنيا جي هر خطي ۾ شاعري ٿيندي رهي آهي ۽ جيستائين انسان زندهه آهي، تيستائين اندر جا احساس پڻ اظهاربا رهندا. 

شعر لفظ جو ڌاتو شعور آهي ۽ ادب لفظ ”دٻ“ مان نڪتل لڳي ٿو. زندگيءَ ۾ بي پناهه اٿل پٿل سبب دل ۾ مختلف ڪيفيتون پئدا ٿين ٿيون. ڪيفيتن جو دٻاءُ انسان کي اظهار ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو، پر هر شخص کي اظهار جو ڏانءُ نٿو اچي، البته هو ٻين جي تخليقيل ادب ۽ آرٽ مان لطف اندوز ٿي آٺرجڻ (Catharsis) جي عمل مان گذري ٿو.

 

ديوي ناگراڻيءَ پنهنجو درد سڃاتو آهي ۽ هن کي اظهارڻ جو ڏانءُ به اچي ٿو، توڻي جو اهو پختگيءَ جي چوٽيءَ کي ڇهي نٿو، ته به پنهنجي ذات جي اشاعت تي جس لهڻي.

ڪوتائن جي مجموعي ”سنڌ جي آنءُ ڄائي آهيان.“ ۾ شاعرا پنهنجو اندر اوريو آهي. هن جو درد هر عورت ۽ هر شخص جو درد آهي. اهو درد آهي ڳولا جو درد! ڪنهن واٽ ڳولي ته کيس منزل نه ملي، ڪنهن منزل سُڃاتي ته.. ان تائين رسائيءَ جي واٽ کان محروم رهيو.

شاعر پنهنجي ديس جي نظرياتي سرحدن جا رکوالا ٿين ٿا. ڪهڙو ديس؟ زمين جو خطو، جنهن جو هو شهري آهي. ها! ظاهري طور ته ائين آهي، پر حقيقت ۾، جيئن هوا جو،گل جي خوشبو جو ۽ برسات جي وسڪاري ۽ روشني جي رنگن جون ڪي حدون مقرر نه آهن، تيئن شاعرسڄي ڌرتيءَ ۽ ڪائنات کي پنهنجو ديس سمجهي ٿو.

 

سڪ ڪڏهن سوگهي نه ٿيندي سرحدن جي قيد ۾

واءُ کي آزاد ڇڏ، ايندو رهي، ويندو رهي.

 

سنڌي ٻولي ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعريءَ سان مالا مال آهي. اردو جي ڀيٽ ۾ اسان جي شاعري توڙي ڪهاڻي، ناٽڪ، ناول يا مضمون ۽ ڪالم ۾ مصنف جي پنهنجي ڌرتي سان وابستگيءَ چوڏهين جي چنڊ وانگر چٽي نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي کي ڌرتيءَ هوندي به ٽئين ۽ چوٿين درجي جو شهري هجڻ جو احساس اڏوهيءَ وانگر کائي رهيو آهي. سرحد ۽ سمنڊ پار رهندڙ سنڌين کي ته ڌرتي کسجڻ جو احساس اسان کان وڌيڪ ستائيندو هوندو.

سچ اهو آهي ته، جڏهن شاعر سڄي ڌرتيءَ ۽ ڪائنات کي پنهنجو ديس سمجهي ٿو، ته ان وقت هن کي زندگي فقط پنهنجي ذات جو نه پر گڏيل انسانيت جو نوحو محسوس ٿئي ٿي. اها ڳالهه سڀني کي سمجهه ۾ نه ايندي. ميران ٻائيءَ چواڻيءَ ته،

 

پريم ڪيو ديواني منهنجو درد نه ڄاڻي ڪو

گهايل جي گت گهايل ڄاڻي ڄاڻي ڪونه ٻيو

مير درد چيو ته،

درد ڪجهه معلوم هي يه لوگ سب

کس طرف سه آئي تهي، کدهر چلي

پنهنجو درد سڃاڻڻ ۽ پاڻ کي سڃاڻڻ، انسان جي وڏي ۾ وڏي ڳولا رهي آهي. قبل مسيح جي يوناني شاعري پڙهون ٿا ته، پنهنجي بڻ بنياد جي ڳولا، ڪٿان آياسين، ڪٿي وينداسين، آغاز ۽ انت بابت ڪا پروڙ نٿي پوي.

هڪ يوناني شاعر جي چوڻ موجب هيءُ شعر پڙهي ڏسون ٿا ته:

 

خبر نه ڪير ڪٿان ڪڏهن آيو آ

وڃڻو آ ڪيڏانهن ويندس مان.

جيتوڻيڪ اڄ جي دنيا پنهنجي وجود ۾ اچڻ واري دنيا کان بي حساب طورتي بدلجي چڪي آهي ۽ هر گهڙي بدلجي رهي آهي. ان حد تائين جو انسان چنڊ تي پنهنجو جهنڊو گهاڙي آيو آهي ۽ دنيا جي ڪل ڊيگهه ۽ ويڪر ڪمپيوٽر جي چپ ۽ موبائيل جي سيل ۾ سموئجي وئي آهي ، ان جي باجود ٽيڪنالاجي اڄ به مٿي  ڪيترن ئي رازن جون گٿيون سلجهائڻ کان قاصر آهي. دماغ کان ٻاهر ”پاڻ“سڃاڻڻ جا پارپتانه ملندي ڏسي شاعره کي چوڻو پيو ته،

 

پاڻ ۾ پاڻ کي پائڻ جي

ڪوشش ڪندي آهيان.

 ۽ بال جبريل ۽ علامه اقبال به ساڳي درد جي سڃاڻپ هيئن ڪرائي ٿو ته،

کهلتا نهين ميري سفرِ زندگي کا راز

لاؤن ڪهان سي بنده صاحب نظر کو مين

حيران هي بو علي که مين آيا ڪهان سي هون

رومي به سوچتا هي که جاؤن کدهر کو مين

جاتا هون تهوڙي دور هر اک راهرو ڪي ساتهه

پهچانتا نهين هون ابهي راهبر ڪو مين

 

انسان کي زندگي جي حقيقتن جو سامنو ڪرڻو پوي ٿو. ڪيترائي خواب ۽ سپنا ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي وڃن ٿا، جن کي جوڙڻ جي جستجو ۾ من گهڙي من موهن سان آس ۽ اميد جون ڳالهيون ڪرڻيون پون ٿيون، ديويءَ جو هيٺيون خيال ملاخطه ڪريو ته،

تنهنجي مرڪ!

روشني جا ڪرڻا بڻجي

ڪيترو نه منهنجي گهر کي

روشن ڪري رهي آهي.

 

هند ۽ سنڌ ۾ تصوف جي حوالي سان گهڻا سنت ۽ درويش روحاني تجربن مان گذريا آهن. لايعنيت (Absurdity) جي ڀيٽ ۾ تصوف ۾ وحدت الوجود جو لاڙو شاعريءَ جي همه گيريت جي احساس سان ٺهڪي اچي ٿو. موسيقيءَ جي لئي، مئي جي مستي، محبوب جا ماڻا شاعر جي داخليت ۽ خارجيت کي هم آهنگ رکن ٿا. اها هم آهنگي لذت پرستي جو روحاني مت آهي.

 

يونان جا ڏاها عشق ۽ محبت جي خيال کي اصليت کان ڌار رکڻ کي دانشوراڻي لاڙي جي برخلاف سمجهندا هئا.ا هو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ڏيئي جو ذڪر ٿئي پر ان جي لاٽ جو ذڪر نه ٿئي.

گهڻي ڀاڱي، عورت ليکڪائن نه صرف عورتن جي مسئلن ۽ احساسن تائين پاڻ کي محدود رکيو آهي پر پاڻ کي اڌوري انسان هجڻ جي روايتي تصور کي غلط ثابت ۾ پاڻ موکيو آهي. ليکڪه ان سڄي واتاورڻ کي مثبت انداز ۾ ڪيڏو نه خوبصورتي سان اظهاريو آهي. ڇا ته خيال ڏنو اٿائين ته،

 

ڪو ته هوندو، جو جهرمرتارن جي روشني ۾

رات ڀر جاڳي جاڳي مون کي تڪيندو هوندو.

 

شاعريءَ جيئن ته سڄي زندگيءَ جو رياض آهي. ان جي ڪٿ محض ڪجهه ڪوتائن يا رچنائن جي معيار تي ڪري نٿي سگهي. ديويءَ جي دل ۾ دک جي دونهين دکي رهي آهي، البته ان پرڪاش کي چڻنگ ۽ شعلي ۽ بڻجڻ لاءِ اڃان رت – ولوڙ ڪرڻي پوندي اسان جون نيڪ تمنائون ساڻس گڏ آهن.

  نصير سومرو

ڪراچي

تاريخ: جولاءِ 22، 2008ع

 

 

Older Posts »

श्रेणी

Follow

Get every new post delivered to your Inbox.