Posted by: Devi Nangrani | December 14, 2009

  غزل  – ديوي ناگراني 

مُقدر جي سازش اَڃا  ياد آھي

اَڌوُري سا خواھش اڃا  ياد آھي

 

چمن جي نُمائش اَڃا  ياد آھي

ڪليءَ تي جا بندِش اَڃا ياد آھي

 

گھرن ۾ گھِري گردِشُن ھو جلايو

سِتارن جي آتِش اڃا ياد آھي

 

نُمائِش ھٿن جو لڪيرون ڀلي ڪَن

مقدر جي سازش اڃا  ياد آھي

 

اُنڌيرن ۾ ٻاري اٿم  درد جي شمع

اُجالن جي آتِش اڃا  ياد آھي

 

 اکيُن مان وھيو درد آ ڪيڏو  ديوي  

اُھا گرم بارِش اڃا ياد آھي

 

Posted by: Devi Nangrani | December 24, 2007

سُنامي

سُنامي  اي قدرت! تون سانجھي سُکن ۽ دُکن جيبنا ڀاوَ بي درد ايڏي تون ٿينءَ ڇو؟ڪرم جو آ ليکو، قھر ڪال جو يااسين آھيون بي بس،مگر تون به ٿينءَ  ڇو؟  مھاڪال ايڏو ڪڏھن ڪين آيو،ڇو ڪري قھري تانڊو تو جل ٿل وھايو؟مِٽيءَ ۾ ملائي تو ماڻھُن جي ھستيخوشي تو ڇا ماڻي، يا آنند ڪو آيهءُ؟نه خوش ٿئين ملائي مِٽيءَ ۾ ھي ماڻھوجو جل ۾ اُنھن کي تو اِئن آ وھايو؟  مِٽيءَ ۾ مليا خواب، ماڻھو ۽ جيونمٽيءَ جا جي گھر سي مِٽيءَ ۾ ملي ويا.جل ديوتا جنھن کي ماڻھن ٿي پوڄيوانھيءَ جي ڪرپا سان جيئڻ کان بچي ويا.  وھي ويا سي گھر گھاٽ، بستي ۽ ماڻھواِئين گھر وھيا ڄڻ ته ٻيڙيءَ ۾ ماڻھوسفر ھو يا ھو َقافلو ڄڻ  ته وھندڙوھي سي رھيا ڄڻ، اڳيان تِن جي منزل.  نه ڪو لُڙڪ ڪنھنجي به اک ۾، نه رودن!ھُئي ھاءِ ھِڪ، آه  ۽  ٻيو بس  فقط  ڊپُنه ڊپُ موُت جو ھو، ھُيو زندگيءَ جوجِئڻ کان اڳي خوءف پنھنجي مرڻ جوچيخون اُنھن جون دفن ٿي ويون سيمدد لاءِ ڪوئي پُڪاري ته ڪنھنکيٻُڏو ھرڪو پنھنجي ئي غم ۾ ھو گھروٻڌو ڪنھن نه ڪنھنکي، ھُيو ھرڪو ٻوڙو.ٻُڏي ساري ھستي ٿپوڙن ۾ گُم ٿيلڳو ڄڻ ته سرشٽي مڙيوئي ٿي سُن ھُئي!  رِشتن ۽ ناتن جي حد کان پري جيلھرُن ۽ لوڏن لڳايو گلي آھه  تِن کياڃا آھ بي ھوش ھِت زندگانيجا بي وفا ضرور آ، پربا وفا  آ موءت ،جو ڀاڪُر ۾ ڀري تِن کيپنھنجي سرحدُن ۾ پناھ ڏيڻ لءِپنھنجي ٻانھن ۾ سواگت ڪريبنا ڪنھن ڪفن جيپاڻيءَ ۾ ويڙھي رھيو آ.  قدرت جو منظر به ڏسندي رھي اکاِھا زندگاني، اِھو انت آھيقدرت ڏسو اڄُ به بي بس ئي آھيسُناميءَ جي نالي ۾ جيون وھائي.  عجب ھيءُ سنگم تتن جو ڏِٺو آھوا، پاڻي، آڪاش، اَگني ۽  ڌرتيملي پاڻ ۾ ڄڻ ته ھِڪُ ٿي جُڙي وياسُناميءَ جي نالي ۾ جيون وٺي ويا.

**

Posted by: Devi Nangrani | December 24, 2007

Geet Raana Rulata raha

sindh3-jpg.jpg

     گيت

 

ريس راڻا   رُئاري   وئيسڪ سُڏڪو  بڻي آ پئيڳالھ تي ڳالھ نڪري وئيدل به دُکڙو ٻڌائي  وئيريس راڻا   رُئاري   وئي.پيار ۽ سنيہ جو کيلُ آدل جو دل سان اِھو ميلُ آپوءِ ته سڀڪُجھ لڳي سُرمئيريس راڻا   رُئاري   وئي. پياس دل جي اندر ۾ رھيآس جي  آگ دُکندي رھيدل ڏني آ  دغا  اڻمئيريس راڻا   رُئاري   وئي.من جي پيڙا گھڻي آ وڌيسوُر  سان  آھ  دلڙي ڏڌيچيخ دل جي ٿي گونگي وئيريس راڻا   رُئاري   وئي. لڙڪ ديوي به لاڙي وئياک اک کي روئاري وئيدرد جي داستان ھيءَ چئيريس راڻا   رُئاري   وئي.**

Posted by: Devi Nangrani | December 22, 2007

سنڌي آھيان

 

sindh-2.jpg

سنڌي آھيان

ٻولي منھنجي سنڌي آھي

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان

لولي ماءُ ڏِني جا مونکي

ور ور جيڪر ويٺي ڳايان

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان.

شاد رھين آباد رھين شل

منھنجي سُھڻي سنڌ سڀاڳي

تنھنجي دُک ۾ دُکي رھان مان

تھنجي منھنجي جندڙي ساڳي

تنھنجي سُک ۾ سُکي رھان مان

تنھنجو دُک سُک پنھنجو ڀايان

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان

چوان فخر سان سنڌي آھيان

سنڌي آھي منھنجي ٻولي

کڻي ھنج ۾ ماءُ ڏِني ھُئي

جنھن ٻوليءَ ۾ مِٺڙي لولي

لِکان پڙھان سنڌيءَ ۾ ئي مان

سڀ سان سنڌيءَ ۾ ڳالھايان

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان.

سنڌي گلشن جو گُل آھيان

ھند اندر خوشبوُ ڦھلايان

گُڻ ڳائي تنھنجا او سنڌڙي

ھر ڪنھن کي مان ميت بڻايان

سڏُ ڪري سنڪٽ ۾ ديوي

اُن جو سِڪ مان سڏ اونايان

سنڌوءَ جي مان ڄائي آھيان.

Categories